Pages

Labels

Sunday, 25 March 2012

تنهنجا منهنجا سور به ساڳيا !


هندو صدين کان هن ڌرتي ۽ سماج جو حصو رهيا آهن، ڪڏهن ڏک ته ڪڏهن سک، ڪڏهن اونچ ته ڪڏهن نيچ، اهي سڀ زندگيءَ سان جڙيل آهن، هندن هن ڌرتيءَ تي اڪثر سکيا ستا با ڏينهن ڏٺا، وڻج واپار ۽ تعليم ٻنهي ۾ اڳڀرا رهيا، گهڻي تعداد ۾ جيئن ته هو سنڌ ڌرتيءَ سان وابسته رهيا (هڪ اندازي مطابق اڄڪلهه انهن جو تعداد 60 کان 70 لک آهي) تنهن ڪري سنڌ جي معاشي ۽ سماجي زندگيءَ ۾ انهن جو حصو پتي ڪافي نمايان رهيو آهي. 1947ع جي ورهاڱي، جنهن انسانن کي ٽڪرن ۾ ورهايو ۽ هڪ ٻئي جي جان جو دشمن بڻايو. لکين ماڻهن جون جانيون ضايع ٿيون، هزارين ٻار يتيم ٿيا، هزارين عورتون بيوه ٿيون، هزارين مائرون پنهنجي جگر جي ٽڪرن تان هٿ ڌوئي ويٺيون ۽ ايندڙ سڄي زندگي لاءِ اکين ۾ ڳوڙها ڀري جيئنديون رهيون. ان وحشت جو شڪار هندو، مسلمان ۽ سک هڪجهڙا ٿيا، موت جو راڪاس سڀني مٿان هڪ جهڙو گهمي ويو، ڪٿي ڪير وڌيڪ متاثر ٿيو ته وري ڪٿي ڪير، جن پنهنجا پيارا وڃايا اُهي سڄي زندگي روئيندا رهيا، ورهاڱي وقت جن هندن هتي ئي رهڻ جو سوچيو انهن هن ڌرتيءَ سان پنهنجي محبت جو ورجاءُ ڪيو ۽ حب الوطنيءَ جو ثبوت ڏنو. انهن علائقن ۾ رهندڙ مسلمان ڀائرن انهن کي جيءَ ۾ جاءِ ڏني، تحفظ ڏنو ۽ انهن جو هن ڌرتيءَ تي رهڻ محفوظ بڻايو. 64 سال گذري ويا هندو ڏاڍو سڪون سان هن ڌرتيءَ تي رهندا آيا آهن، مسلمان ڀائرن هميشه انهن کي سنڌي سماج جو حصو سمجهيو ۽ هر ڏک سک ۾ ساٿ نڀايو، هي اچانڪ ڇا ٿي ويو جو هندو بيچين ٿي ويا، بدامني، مار ڌاڙ ۽ اغوا عام ٿي ويو، ان جا به ڪيترائي سماجي سبب آهن، انهن سڀني مصيبتن جو شڪار هندو ۽ مسلمان ٻئي ٿي رهيا آهن، جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو فارمولو لاڳو آهي، جيڪو ڪمزور آهي ان تي لٺ وڌيڪ آهي، هندو جيئن ته نسبتن سکيو ستابو آهي ۽ سماج ۾ ڪمزور سمجهيو ويندو آهي، تنهن ڪري ان سان طاقتور ڌريون ڏاڍائي به وڌيڪ ڪنديون آهن، اغوا ته هر ڌر جا ماڻهو ٿي رهيا آهن، هندو هروڀرو پاڻ کي اقليت ۽ ڪمزور سمجهندي ان کي محسوس گهڻو ڪري رهيو آهي، ٻيو ته هو (هندو) پاڻ کي هن سماج جو حصو نه بڻائي سگهيو آهي، جنهن ڏينهن هو اهو سوچڻ شروع ڪندو ته ان کي جيئڻو مرڻو هن ڌرتيءَ تي آهي، تنهن ڏينهن هو پاڻ کي اڪيلو ۽ ڪمزور نه سمجهندو. ڪنهن زماني ۾ هندو ۽ مسلمان مسافرخانه، سبيلون، اسڪول ۽ ڪاليج قائم ڪندا هئا، اهو سڀ ڪجهه انهن کي ان سماج سان جوڙي رکڻ ۾ مدد ڪندو هو، اُهي هندو ۽ مسلمان ڪٿي آهن، جيڪي دان پڃ ڪندا هئا ۽ تعليمي ادارا ٺاهيندا هئا. تعليم جو نه هجڻ به اسان جي سماج جو هڪ وڏو مسئلو آهي، پڙهائيءَ جو انگ 40 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪونهي، جيڪب آباد جو پڙهائي انگ فقط 34 سيڪڙو آهي ۽ جهل مگسيءَ جو 20 سيڪڙو، ويجهڙائيءَ ۾ هندو ڇوڪرين جي اغوا ۽ زوريءَ مسلمان ڪرڻ جي ڪري هندن ۾ بيچيني آهي، هڪڙي ڌر ان کي زبردستي ٿي ڪوٺي ۽ ٻي ڌر ان کي رضا خوشيءَ پيار ڪرڻ ۽ مذهب بدلائڻ. اهو هر هڪ جو ذاتي فيصلو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو پنهنجي مرضيءَ سان اهو ڪرڻ ٿو چاهي ته ان ۾ ڪا به خرابي ڪونهي، پيار ڪرڻ وارو ۽ مذهب بدلائڻ وارو، اهي ٻئي ان ڳالهه تي ايترا ته چٽا هوندا آهن جو انهن جا مائٽ، ماءُ پيءُ ۽ سماج ڪجهه به بگاڙي ڪو نه ٿا سگهن، اها رضا خوشيءَ جي ڳالهه آهي، انهن کي کلي دل سان، بغير ڪنهن زور زبردستيءَ جي اهو ڪرڻ جي اجازت هُجي، ان ۾ ڪنهن به ڌر طرفان انتهاپسندي جي ڪا به گنجائش ڪونهي.
هر مذهب ان جي ئي تلقين ٿو ڪري، زور زبردستيءَ جي گنجائش ڪونهي، ڪنهن به مذهب بدلائڻ واري جو اهو بنيادي حق آهي ته اهو پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجي مائٽن، ماءُ پيءُ، ڀاءُ ڀيڻ سان ملي سگهي، ان ۾ پريشان ٿيڻ جي ڪا ضرورت ئي ڪونهي، جيڪڏهن هن صاف ذهن ۽ پنهنجي رضا خوشي سان مذهب بدلايو آهي ته هو ڪنهن جي به چوڻ تي اهو فيصلو نه بدلائيندو. هندن کي به پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائڻ گهرجي، پنهنجي اوڻاين ڏانهن ڏسڻ گهرجي، انهن کي هر حال ۾ پاڻ کي هن ڌرتي جو حصو بڻائڻ گهرجي، هن ڌرتي جا سمورا مسئلا هو پنهنجا مسئلا سمجهي، ان جي سڌاري لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجن، الائي ڪيتريون ئي مظلوم نياڻيون ظلم جو شڪار پيون ٿين، اسان کي سڀني لاءِ نرم گوشو رکڻ گهرجي، فضيلا سرڪيءَ کان وٺي ويندي رنڪل ڪماري تائين، مائي مختاران کان وٺي ڊاڪٽر شازيا تائين، اهي سڀ انسانيت جي ناتي اسان جون ڀينرون ۽ نياڻيون آهن، هندو هجي يا مسلمان انهن جو درد هڪجهڙو محسوس ٿئي ٿو ۽ ڪرڻ گهرجي، ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار ڪير ان ڏاڍ خلاف آواز اٿاري سگهي ٿو ۽ اڄ گڏيل آواز اٿارڻ جي ضرورت آهي، جيئن هندو ڇوڪرين لاءِ پورو سماج، سمورا روشن خيال ماڻهو، اديب، صحافي، دڪاندار، ڊاڪٽر ۽ انجنيئر سڀ هڪ پليٽ فارم تي بيٺا آهن، هر حال ۾ اهو ئي ٿيڻ گهرجي، ٻڌي ۽ ايڪي سان ئي مسئلا حل ٿيندا. هي دور سجاڳيءَ جو دور آهي، ايڪتا جو دور آهي، علم ۽ آگاهيءَ جو دور آهي، لٺ باٺو هاڻ هلڻ ممڪن ڪونهي. دليل جي فتح ٿيندي، سچ جي فتح ٿيندي، هن ڌرتي جا سمورا انسان ۽ انهن جا ڏک سک سڀن گڏيل جا ڏک سک آهن، پنهنجي مرضيءَ سان جيئڻ جو حق سڀني کي هجڻ گهرجي، اهو تاثر ڪڏهن به نه اڀرڻ گهرجي ته ڪا زور زبردستي ٿي آهي. سڀ کان اهم انسان جي پنهنجي مرضي ۽ خواهش آهي، هر عاقل ۽ بالغ کي پنهنجي آئيندي متعلق فيصلي جو حق آهي، اهو حق ان کان کسڻ غير انساني عمل سمجهيو ويندو.
مرلي ڌر

No comments:

Post a Comment