Pages

Labels

Sunday, 18 March 2012

سنڌ: ڀڳت ڪنور کان رنڪل تائين

سنڌ: ڀڳت ڪنور کان رنڪل تائين
اسد چانڊيو
مذهب کي هڪ نشي جيان استعمال ڪري، پنهنجي قوم جو ويري ٿي وڃڻ جون روايتون، هر دور ۾ سنڌ ۽ سنڌين خلاف انيڪ سازشن جي شڪل ۾ موجود آهن. وقت سان گڏ ڪيترين ئي سازشن ۽ سازشي ڪردارن تان نقاب لهڻَ ڪري، سمجهه جا ڪيترا ئي درَ کُلي وڃڻ باوجود، اسان حال جي هر اهڙي ئي سازش ۾بنا سوچي سمجهي حصو ٿيڻ، يا خاموش رهڻ جو گناهه ڪرڻ کان نه ته مُڙون ٿا، نه ئي مستقبل ۾ به اهڙو ڪو امڪان نظر اچي ٿو. نانگ بڻجي پنهنجي پاڻ کان پاڻ ئي ويرُ پاڙڻ جي ڪريتِ، هڪ قومي مرضُ بڻجي اسان کي پنهنجو بار- بار ڀوائتو چهرو ڏيکاري رهي آهي ۽ ان وقت تائين ڏيکاريندي به رهندي، جيستائين اسان پنهنجي ”هئڻ“ جي حقيقتن کي دليان قبول ڪري، ان کي تبديل نٿا ڪري ڏيکاريون.
ميرپور ماٿيلي جي رنڪل پيار جي نالي ۾ کيڏيل هڪ سازشي ڄار ۾ مڪمل طور ڦاسي چڪي آهي.”پسند جي پرڻن“ جي دشمن سنڌ، اڄ  رنڪل جي شروعاتي نادانيءَ ڪري پيدا ٿيل صورتحال کان پاڻ کي لاتعلق ڏيکاريندي، پنهنجي بچاءَ ۾ دليل ڏئي رهي آهي ته:” رنڪل سانحو هڪ پسند جي شاديءَ جو معاملو هئڻ ڪري، اسان ڀلا ڪري  به ڇا سگهون ٿا ۽ اسان کي ڪجهه ڪرڻ به ڇو گهرجي!!“. اهو دليل ايڏو وڏو سائنٽفڪ ۽ منطقي سمجهيو پيو وڃي جو، اڄ تائين سنڌ جي قوم پرست سياست جي سرواڻن کان وٺي انساني حقن جي عَلم بردارن تائين، سڀ جو سڀ هڪ ”مجرماڻي ماٺ“ ۾ ورتل آهن!. ميڊيا جا اڪثر ادارا به، گهوٽڪي ضلعي جي طاقت بڻيلن تي ايئن پردو وجهي رهيا آهن، ڄڻ ته کين خبر ئي نه آهي ته ”هڪ هَرڻي پنهنجي غلطيءَ سبب  ئي بگهڙن جي ٽولي ۾ وڪوڙجي وڃڻ بعد، پنهنجي جان بچائڻ لاءِ نماڻين اکين سان نهاري رهي آهي“، پر ميڊيا جا مُهندار به جيئن ته ”تبديليءَ“ کي ”پسند“ ڪندڙ آهن، تنهن ڪري شايد هو به هڪ بيوس انسان جي شڪار جي تبديل ٿيل طريقي مان مزو ماڻي  رهيا آهن، هڪ اهڙي اڻڄاڻَ جيان، جنهن کي پنهنجي فرض جي ڄاڻ رکڻ جي ضرورت پوندي ئي نه هجي!؟.
سنڌ جي هڪ  اخبار  ۾  ويٺل هئڻ باوجود، علائقي جي مڪاني صحافين کان رنڪل معاملي جي حقيقي رپورٽنگ ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿيڻ جي شرمندگي، مون کي ان معاملي ۾ پاڻ هٿ وجهڻ  تي مجبور ڪيو  ۽ جيئن -جيئن حقيقتون سامهون اينديون رهيون، تيئن- تيئن منهنجو ذهن ان ڳالهه تي صاف ٿيندو ويو ته، رنڪل معاملو هڪ ڇوڪَرِ جي غلط ڇُوڪرَ کي جي پسند ڪرڻ جي اُبتڙ، هڪ مڪمل ۽ منظم سازش جو حصو آهي. هڪ اهڙي سازش جنهن تي 1939ع کان وٺي  اڄ تائين جيئن جو تيئن ۽ انتهائي بي رحميءَ سان عمل ٿي رهيو آهي!- نه اسان اُن جو پهرين  نوٽيس ورتوهو، نه ئي اڄ تائين اهو احساس ڪرڻ چاهيون ٿا ته، ”هي ڇا پيو ٿئي،  ڇو پيو ٿئي؟ ۽ جي ايئن ئي ٿيندو رهيو ته پوءِ،  اڳتي به ڇا ڇا ٿي سگهي ٿو...!؟.“
اهڙي سازش ڪنهن سَٽي؟، ڇو سَٽي ۽ ان جا مُهرا ڪير بڻايا ويا هئا!؟، واري سوال تي اچڻ کان اڳ، اچو ته ”رنڪل سانحي“ جون ڪجهه حقيقتون  ڏسي وٺون:
رنڪل ڪماري ميرپورماٿيلي جي شاهي بازار ۾ رهندڙ 17 سالن جي هڪ اهڙي شاگردياڻي آهي، جيڪا مئٽرڪ ڪرڻ بعد، اڳتي تعليم وٺڻ جي منزل طرف وڌندڙ آهي. ساڳي ئي پاڙي ۾ نويد شاهه نالي هڪ اهڙو نوجوان به رهي ٿو، جيڪو پنجابي سيٽلر خاندان مان هئڻ سان گڏ، شهر جي هڪ اهڙي رولو ٽولي جو حصو آهي، جنهن جي  واڳَ حسام ڪلوڙ نالي هڪ اهڙي ڏوهاري وٽ آهي، جنهن جي سرپرستِ اعليٰ هئڻ جو اعزاز علائقي جي سڀ کان وڏي موتمار قوت رکندڙ فرد وٽ آهي، جنهن کي دنيا پاڪستان پيپلز پارٽي جهڙي ملڪ جي سڀ کان وڏي سمجهي ويندڙَ ”عوامي سياسي قوت“ جي قومي اسيمبلي جي ميمبر طور سڃاڻي ٿي. حسام ڪلوڙ، جيڪو ماٿيلي جي انتهائي ڀر ۾ واقع ڳوٺ ۾ رهندڙ ۽ شهر ۾ ٿيندڙ هر ڏاڍ مڙسي، ڏوهَن ۽ ڏوهارين جو سربراههُ آهي. ان جي اهڙي اشتهاري ڏوهاري هئڻ واري ڪردار جي ثابتيءَ لاءِ فقط هڪ دليل ڏيڻ ئي ڪافي ٿيندو: ”سال 2000ع ۾ ان وقت جي ايس ايڇ او ميرپور ماٿيلي کيس گرفتار ڪرڻ بعد سزا طور اُگهاڙو ڪري ۽ مُنهن تي دانگي ملي، سڄي شهر جو گشت ڪرايو هو“. نويد شاهه ان ئي حسام ڪلوڙ جَي بدمعاشن جي گينگ جو هڪ غير اهم مهرو آهي، جنهن ذريعي رنڪل کي مسلمان ڪرڻ جو ”ثواب“ ڪمائي، پنهنجا  ڏوههَ ڌوئي ڇڏڻ واري سازش جو حصو بڻايو ويو “ . ان پس منظر ۾ رنڪل جو نويد شاهه طرف ”لاڙو ٿيڻ“ يا لاڙو ڪرائڻ لاءِ ”ماحولُ پيدا ڪرڻ“ وارا سوال پيدا ٿيڻ، هڪ فطري عمل بڻجي وڃي ٿو. جنهن جي چڱيءَ طرح ڇنڊڇاڻ ڪرڻ بنا ”اصل ڳالهه“ کي سمجهڻ، شايد  ايترو به آسان نه هجي.
رنڪل واقعو هڪ سانحو بڻجي، 24 فيبروري ۽ جمعي واري رات کان اسان جي سامهون آيو آهي (جمعي واري رات مسلمانن لاءِ مقدس هئڻ جي ڳالهه کان به اسان سڀ چڱيءَ ريت واقف آهيون). رنڪل ڪماريءَ جي گهر ڇڏڻ بابت عام راءِ مطابق” هوءَ ڄاڻايل رات جي ٽئين پهر پنهنجي گهر کان نڪري پاڙي ۾ ان هنڌ تائين پهچي ٿي، جتي نويد شاهه جي مدد لاءِ حسام ڪلوڙ پنهنجن ٽن مددگارن سميت اڳ ئي موجود آهي. رنڪل ته گهر کان نڪرڻ جو جوکو نويد سان ملڻ لاءِ کنيو هو پر اتي ٻين ماڻهن جي موجودگي کيس ڊيڄاري ڇڏڻ لاءِ ڪافي ٿي هجي، جتان پوءِ هوءَ پنهنجي واپسيءَ جا دڳ بند  ٿي ڏسي ۽ ايئن اها نويد کي پسند ڪرڻ جي قيمت ڏيڻ طور، هڪ ا هڙي هنڌ پهچائي وڃي ٿي، جنهن لاءِ سندس ذهن ۾ اڳ ڪڏهن اهڙو وهمُ به نه آيو هو!. 24 تاريخ جي صبح جو ستين وڳي رنڪل جو چاچو ديا رام ميرپور ماٿيلي ٿاڻي تي ايف آءِ آر نمبر 2012/21 داخل ڪرائي، نويد شاهه هٿان رنڪل جي اغوا ٿي وڃڻ کي، پوليس جي رڪارڊ تي آڻي ٿو ڇڏي.
شهر جي هندو پنچائت ۽ رنڪل جا مِٽ مَائٽ اڃا تائين ”ڇا ٿي وڃڻ؟“ ۽” ڇو ٿي وڃڻ!؟“ جي ڪيفيت ۾ ئي ورتل آهن جو منجهند جو هڪ وڳي ميان مٺو جي پٽ ميان اسلم جي فون ڪال رنڪل جي گهر ڀاتين وٽ پهچي ٿي وڃي، جنهن ۾ کين آگاهه ڪيو وڃي ٿو ته :”رنڪل هن وقت سندن وٽ آهي. جيڪڏهن کين ان سان ملڻو آهي ته اُهي ڀرچونڊي اچي سگهن ٿا“. شهر جي هندو برادري اها ڳالهه چڱيءَ ريت ڄاڻي ٿي ته، ڀرچونڊيءَ جي ڪنهن گهر ۾ ويهاريل هڪ17 سالن جي نينگري ساڻن ڪيترو آزاديءَ سان پنهنجن احساسن ۽ حقيقتن جو اظهار ڪري سگهي ٿي.....!! ان سوال جو واضح جواب موجود هئڻ ڪري ميان اسلم کي، رنڪل سان ملاقات لاءِ کيس ڊي پي او آفيس وٺي اچڻ لاءِ چيو وڃي ٿو. پر ميان اسلم ايئن ڪرڻ کان انڪار ٿو ڪري ڇڏي. بعد ۾ کيس هندو پنچائت هال گهوٽڪيءَ ۾ نينگريءَ سان ملاقات ڪرائڻ لاءِ چيو وڃي ٿو، جنهن کي پهرين ته هو قبول ڪري ٿو وٺي پر بعد ۾ رنڪل سان لاڳاپيل ماڻهن جي پنچائت هال پهچڻ تي کين ٻڌايو ٿو وڃي ته، ”ميان اسلم رنڪل کي هتي آڻڻ لاءِ به تيار نه آهي....!!“
مٿي ڏنل صورتحال تائين پهچڻ بعد ٻه سوال پيدا ٿين ٿا:
1- جَي رنڪل رضا خوشيءَ سان مسلمان ٿي شادي ڪرڻ لاءِ پاڻ ئي گهران نڪتي هئي ته پوءِ ميان خاندان، ڪنهن به هنڌ تي آڻي رنڪل جو اهڙو بيان ڏيارڻ بعد، پنهنجي مٿان ايندڙ ڪنهن به الزام کان آجو ٿيڻ لاءِ تيار ڇو ڪونه هو!. هو اهڙي ملاقات فقط ڀرچونڊيءَ ۾ ئي ڪرائڻ لاءِ ڇو ضد تي بيٺل هئا، جتي سندن مرضي بنا ”پکيءَ کي پرُ هڻڻ“ جي به همت ٿيڻ ممڪن نه آهي....!!
2- ۽ جَي نويد جو فقط هڪ ”عام نوجوان“ طور رنڪل سان رشتو جڙيل هو ته، هُو رنڪل کي پنهنجي خاندان تائين پهچائڻ بجاءِ رات پيٽ ۾ هڪ بدنام خاندان جي تحويل ۾ ڇو ڏئي ڇڏيو....!؟. سبب ڇا به هجي پر جمعي ڏينهن ڀرچونڊي جي پيرن ۽ رنڪل جي مائٽن ۾ ٿيل رابطو، بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ٿي ويو ۽ اها ڳالهه ٻئي ڏينهن  سينئر سول جج گهوٽڪيءَ جي عدالت ۾ ٿيندڙ ڪنهن فيصلي تائين، ملتوي ٿي وئي.
ٻئي ڏينهن ڊي ايس پي آفيس ۽ سينئر سول جج گهوٽڪيءَ جي عدالت ۾ سامهون آيل حقيقتون، هڪ ڏينهن اڳ ۽ بعد ۾ شروع ٿيندڙ نئين ڊرامي کي سمجهڻ ۾ وڏيون مددگار بڻجڻيون آهن:
25 فيبروريءَ تي ڇنڇر ڏينهن رنڪل جي مائٽن ۽ ان ظلم خلاف اڪيلي آواز اٿاريندڙ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيي کي رنڪل سان ملي، سندس موقف ڄاڻڻ لاءِ  ڊي ايس پي گهوٽڪيءَ جي آفيس ۾ اچڻ لاءِ چيو وڃي ٿو. جڏهن هو پوليس آفيسر جي ڪمري ۾ داخل ٿين ٿا ته ڊي ايس پي صاحب جي پنهنجي ”سرڪاري ڪرسيءَ“ تي ميان مٺوءَ جو ڀاءُ ميان شمن لانگ ورائي ويٺل آهي. جسم اڳواڻ ۽ وارثن طرفان موقف اختيار ڪيو ٿو وڃي ته:” جنهن پوليس آفيسر جي پنهنجي ڪرسيءَ تي ميان شمن مالڪ بڻجي ويٺل آهي، ان هنڌ تي رنڪل اسان سان دل جي ڳالهه ڪيئن ٿي ڪري سگهي!؟“. ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جي اصول تي هلڻ جو قسم کڻندڙ پوليس آفيسر ان صورتحال جو هڪ ٻيو عجيب حل ايئن ٿو ڪڍي وٺي ته: ”جَي اوهان ميان شمن جي موجودگيءَ ۾ رنڪل سان ملڻ نه ٿا چاهيو ته پوءِ، اوهان نويد شاهه جي رنڪل سان گڏ هوندي، ملاقات ڪري سگهو ٿا.“
انصاف جو ڪوبه ڪٽهڙو، ان ڳالهه تي سوچي به سگهي ٿو ته 24 ڪلاڪ اڳ جيڪو نوجوان هڪ نينگريءَ کي پاڻ سان ڀڄائي ويو هجي، اغوا جي ايف آءِ آر ۾ نامزد ٿيل به هجي، پوءِ به انصاف جي گُهرجائو ڌر کي پنهنجي نياڻيءَ سان ملڻ لاءِ، ان ئي جوابدار جي ڪمري ۾ موجودگي به قبول هجي...!؟. ان سڄي عرصي دوران رنڪل ميان شمن جي گاڏيءَ جي بند شيشن پويان ئي واڙيل هجي ٿي پر  وارث پوليس مان اڻڌريو ٿيڻ جو آسرو پلي، وڃي سول جج گهوٽڪيءَ جي آفيس ۾ پهچن ٿا، جتي ئي رنڪل جو قلم 164 وارو بيان ٿيڻو آهي.
قلم 164 تحت بيان ٿيڻ لاءِ قانون جي گهرج مطابق رنڪل جي ٻنهي ڌرين سان، ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جي موجودگيءَ ۾ ملاقات ڪرائڻي هئي، تنهن ڪري نويد شاهه جي نمائندگي ڪندڙ توڙي وارثن جو ڪيس وڙهندڙ ٻن-ٻن وڪيلن جي موجودگيءَ ۾ رنڪل پهريون ڀيرو پنهنجن مائٽن کي ان حقيقت کان آگاهه ڪيو ته:” هن ڀڄي شادي ڪرڻ ناهي چاهي، کيس اغوا ڪيو ويو آهي. ڪجهه ماڻهو گهرن جي ڇتن کي استعمال ڪري سندن گهر ۾ داخل ٿيا هئا، جيڪي ئي کيس کنڀي کڻي ويا. ان ڪري هو نويد شاهه يا انهن جي حمايتي پيرن وٽ نه، پر پنهنجي گهر وڃڻ چاهي ٿي“. رنڪل اهڙو بيان رڳو مائٽن سان ملاقات دوران ئي نه ڏنو پر بعد ۾ معزز  جج جي سامهون ماڻهن سان ڀريل ڪورٽ روم ۾ به، پنهنجي اغوا ٿيڻ ۽ پنهنجن مائٽن سان گڏ وڃڻ جي ڳالهه ڪئي، پر پوءِ اوچتو ئي اوچتو هڪ اڳواٽ رٿيل ڊرامو شروع ٿي ويو (جنهن جو بنياد پيرن طرفان مهيا ڪيل نويد شاهه جا وڪيل بڻيا، جن رنڪل جي پنهنجن مائٽن جو ٿي وڃڻ جو اطلاع فوري طور پيرن تائين پهچائي ڇڏيو هو). ان کان اڳ جو رنڪل جو موقف 164 واري بيان ۾ تبديل ٿيڻ جي ڪارروائي مڪمل ٿي وڃي، تندرست ۽ توانو نويد شاهه اوچتو ئي  اوچتو ڪورٽ روم ۾ بيهوش ٿي ڪري پوي ٿو، جج صاحب اهڙي صورتحال ۾ قانوني ڪارروائي مڪمل ڪري، رنڪل جي خواهش مطابق کيس وارثن حوالي ڪرڻ بجاءِ، کيس ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پيرن جي وفادار پوليس حوالي ڪري ٿو ڇڏي ۽ پوءِ  پوليس کيس ظاهري طور وومين ٿاڻي سکر پهچائي ٿي ڇڏي. ايئن رنڪل جو عدالت ۾ ڏنل موقف قلم 164 واري بيان ۾ تبديل نه ڪرڻ جو ڪم انتهائي آسانيءَ سان ٿي وڃي ٿو!. رنڪل جا وڪيل رڙيون ڪندي رهجي ٿا وڃن پر رنڪل جو نصيب مائٽ ته هئا ئي ڪونه، پر سکر جو دارالامان به کيس پناهه ڏيڻ لائق سمجهڻ بجاءِ، کيس پيرن جي وفادار پوليس وٽ ئي وڌيڪ محفوظ سمجهيو وڃي ٿو!.
عورتاڻي پوليس سکر جي ٿاڻي ۾ بند هوندي هڪ ٻيو به اهم واقعو ٿئي ٿو. چاوڙيءَ ۾ اڪيلي ۽ اداس ويٺل رنڪل وٽ هڪ پوليس اهلڪار پهچي ٿو ۽ کيس موبائل فون تي ايندڙ ڪال ٻڌڻ جو حڪم ٿو ڪري! ڊنل هئڻ باوجود رنڪل ايئن ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿي، جنهن تي سپاهي موبائل فون جو اسپيڪر کولي ٿو ڇڏي، جنهن تان علائقي جي طاقتور شخص جو آواز سڀني کي ٻڌڻ ۾ اچي ٿو: ”تون جيڪڏهن مائٽن سان وڃڻ وارو پنهنجو بيان تبديل نه ڪيو ته، نه رڳو تون نه بچندينءَ پر تنهنجا سمورا گهر ڀاتي به ماريا ويندا ۽ شهر ۾ هندن جي گهرن کي باهه ڏئي ساڙيو ويندو“.
26 فيبروري جي رات  صدر صاحب طرفان رنڪل معاملي جو نوٽيس وٺڻ شرط، ظاهري طور عدالت جي حڪم تي عمل ڪندڙ پوليس اڻ ڃاتل خوف ۾ وٺجي، رات جو 2 وڳي رنڪل کي سکر جي ٿاڻي مان ڪڍي ماٿيلي پهچائي ٿي ڇڏي!، عدالتي ڪارروائي 27 فيبروريءَ تي صبح جو سوا اٺين وڳي شروع ٿيڻي هئي، سکر مان ماٿيلي جو سفر ڪلاڪ سوا کان وڌيڪ جو نه آهي، پر پوليس ڪهڙي خوف ڪري، هڪ ڀيرو وري اغوا وارو ڊرامو ورجائيندي، رنڪل کي اڌ رات جو ئي ماٿيلي پهچائڻ ضروري ٿي سمجهي؟، اها رمز به اڄ تائين  فقط پوليس اختياريون ئي ڄاڻن ٿيون.
27 فيبروري سومر وارو ڏينهن، ماٿيلي واسين لاءِ زندگيءَ جي بلڪل هڪ نئين انداز وارو ٿي سامهون اچي ٿو. ٽينڪر بيهاري سول جج جي عدالت ڏانهن ويندڙ سمورا رستا هونئن ته بند ڪيل ٿا هجن. پر اهڙي بندش مذهبي جنونيت ۾ ورتلن لاءِ بلڪل نه آهي، جيڪي ڊزنين  گاڏين جي قافلي ۾ عدالت ۾ پهچي ٿا وڃن. گهٽ ۾ گهٽ جي بنياد تي به سندن  تعداد هزارن تائين ٻڌايو پيو وڃي، ايترا ماڻهو گڏ ڪرڻ باوجود پيرن تي واڻين جو ايترو ته ”خوف“ ٿو هجي جو، سندن حفاظت لاءِ جديد ترين هٿيار کڻي بيٺل اڻ ڳڻيا گارڊ به موجود آهن. ٻئي پاسي رنڪل جي وارثن ۽ حامين کي عدالت تائين پهچڻ ڏيڻ لاءِ ڪوبه تيار نه آهي!. اهڙي صورتحال کان پوليس جي اختيارين کي آگاهه ڪيو ٿو وڃي. جنهن بعد رحم کائي، متاثر خاندانَ جي  چئن عورتن ۽  رنڪل جي فريادي چاچي ديا رام کي عدالت تائين پهچڻ جي اجازت ڏني ٿي وڃي. هڪ پاسي علائقي جي طاقتور ترين پيرَ جا  پنهنجن هٿن ۾ به هٿيار کڻي بيٺل پٽَ ۽ ڀائر (ميان مٺوءَ جي پٽ ميان اسلم جي هٿ ۾ کنيل جي ٿري رائفل وارا فوٽو، اڳ ئي اخبارن ۾ شايع ٿي چڪا آهن)، سندن اڻ ڳڻيا باڊي گارڊ ۽ مذهبي جنون ۾ ورتل هزارين حامي، ٻئي پاسي 4 هندو عورتون ۽ انهن جو اڪيلو وارث ديا رام! اهڙي ”انصاف ڀري“ ماحول ۾ جڏهن اهو مختصر قافلو عدالت ڏانهن روانو ٿئي ٿو ته، هڪ معصوم ڇوڪريءَ جي جسم تي قبضو ڪرڻ کي سومناٿ جي فتح سمجهندڙن جا حامي وڪيلَ، ظلم هيٺ آيل خاندان جي وڪالت ڪندڙ وڪيلن جا زبردستي ڪوٽ به ايئن چوندي لاهي ڇڏين ٿا ته: ”اوهان مسلمان هوندي به، هندن جو ڪيس پيا وڙهو، غدار آهيو“.  پوءِ به ڪنهن نه ڪنهن ريت 4 عورتون، هڪ مرد ۽ سندن وڪيل عدالتي ڪمري ۾ پهچي وڃن ٿا، جتي نه رڳو پورو ڪمرو مريدن سان ڀريل هجي ٿو، پر ميان مٺو جا ٻه پٽُ  ميان رفيق، ميان اسلم ۽ سندن ڀيڻويو به هوندڙ سوٽ، ميان جاويد به موجود آهي.
ڪنهن جو به 164 وارو بيان ٿيڻ لاءِ ضروري آهي ته ان ماڻهوءَ جي ٻنهي ڌرين سان نويڪلائي ۾ ملاقات ڪرائي وڃي، جيڪا ٻن ڪلاڪن تائين به ٿي سگهي ٿي، جنهن بعد بيان ڏيندڙ فرد عدالتي ڪمري ۾ پنهنجو موقف بيان ڪري سگهي ٿو، پر دنيا جي عدالتي تاريخ ۾ هي شايد پهريون واقعو هجي جو، عدالت 8 لڳي 15 منٽن تي ڪارروائي شروع ڪئي. ڏاند گاڏيءَ تي رکَي ويندڙ هڪ جوالَ جهڙي چوغي ۾ آندل رنڪل جو مائٽن سان ملڻ ته ٺهيو پر ڏسڻ به ناممڪن بڻايل ٿو هجي. ٻه ڏينهن اڳ هڪ عدالت ۾ سڄي ڏينهن ۾ به رنڪل جو 164 وارو بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيڻ جي تازي تجربي باوجود،  هيءَ عدالت 8 لڳي 45 منٽن تي رنڪل جو نويد جي حق ۾ 164 جو بيان ٿي وڃڻ جو اعلان ڪري ٿي!. عدالتي ڪمرو اڃا ماڻهن کان خالي ٿي رهيو آهي جو، نائين وڳي کان نجي ٽي وي چينلن جا ٽِڪر ڪوڙ ڳالهائڻ شروع ٿا ڪن ته ”رنڪل شريعتِ محمدي کي قبول ڪري، مسلمان ٿي چڪي آهي....!!“
ميڊيا جي طاقت کي آڱرين جي اشارن تي نچائيندڙ ڪنهن به ”فنڪار“ توڙي ان جي علائقي ۾ ڇڏيل ”خابرو“ کي اها ٻڙَڪ پوي ئي نه ٿي ته، ”جڏهن اڃا تائين رنڪل عدالتي ڪمري مان به نڪري نه سگهي آهي، ان کان اڳ ئي هن ڀرچونڊيءَ جي پيرَ جي هٿ تي بيعت ڪيئن ڪري ورتي....!؟“
اڄ انصاف به خاموش، قانون به خاموش ته سنڌين جي پگهر تي پنهنجو رتُ وهائڻ جا دعويدار قوم پرست جوڌا  به خاموش آهن! اوٽَ موٽَ جو ڀاڙو وٺڻ بعد عورتن جي حقن لاءِ ڳوڙها ڳاڙيندڙ انساني حقن جا عملدار توڙي علم بردارڻيون به چپ آهن!، ميڊيا به يا ته ماٺ ۾ آهي يا پوءِ ويهي ويهي اوچتو” اسلام زندهه باد“ جا نعرا هڻندڙ!. اهڙي صورتحال ۾، جَي پڪَ سان خاموش نه هونديون ته فقط رنڪل ۽ رنڪل سان لاڳاپيل مظلومن جون اکيون، جن جي وس ۾ هجي ها ته، اڄ تائين ضرور طوفانِ نوح اچي چڪو هجي ها. هر ڪنهن جي مجرماڻي ماٺ جا الڳ الڳ سبب ٿي سگهن ٿا. پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجي قوم تي ويساهه نه ڪندڙ قوم پرست سنڌ جي جاگيردارن سان ڦٽائڻ بجاءِ، سندن پَيرَن تي هٿ رکي ملڻ کي وڌيڪ پسند ٿا ڪن!. شيخ اياز کانئن صحيح سوال ڪري ويو هو ته :”جنهن سنڌيءَ جي ڳالهه ٿا ڪريو، اها خبر رکي به اٿوَ ته، اُهو سنڌي آهي ڪير...!؟“
ڀرچونڊين جو اهڙو ڪردار نه اڄ جو آهي، نه ئي آخري آهي. 2 نومبر 1939ع جي هڪ بدنصيب ڏينهن، رڪ اسٽيشن تي ڀڳت ڪنور رام کي شهيد ڪرڻ جو ڪيس ڪنهن ٻئي تي نه پر ميان مٺوءَ جي والد ميان عبدالرحيم ۽سندس ٻن مريدن تي داخل ٿيل آهي. ان وقت به انگريزن مذهبي انتها پسندي پيدا ڪري مسلم ليگ کي سنڌ ۾ مضبوط ڪرڻ سان گڏ، مذهب جي بنياد تي هڪ بدترين لڏپلاڻ ڪرائڻ جو بنياد پئي رکيو. ان مقصد لاءِ پهرين هندو انتها پسند تنظيم راشٽريا سيوڪ سنگ جي ڪارڪنن هٿان ڀرچونڊيءَ جي پير خاندان جي نوجوان سان سکر ۾ بدتميزي ڪرائي وئي ۽ موٽ ۾  ان ڳالهه جو پلاند ذميوار هندو نوجوانن کان وٺڻ بجاءِ سڀن انسانن لاءِ رحمت جي فرشتي ڀڳت ڪنور رام کان ورتو ويو!. ڀڳت ڪنور جي شهادت خلاف سنڌ جي قانون ساز اسيمبلي جي ميمبر پمناڻيءَ ايوان ۾ آواز اٿاريو ته، ان کي به ڀري سکر ۾ ٽانگي تي سفرَ ڪندي قتل ڪيو ويو!. ايئن ڀرچونڊي دربار هندن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ مسلم ليگ کي مضبوط ڪرڻ جو ڪم ڪري ڏيکاريو. بعد ۾ سنڌ جا لکين هندو پنهنجو وطن ڇڏي، ڌاري ڌرتيءَ تي پناههَ وٺڻ لاءِ مجبور ٿي پيا. اها سازش اڄ به جاري آهي. انگريزن جا لاڏلا ”ديسي انگريز“ به اڄ ڏينهن تائين ساڳي درگاهه کان ساڳيو ئي ڪم، ساڳي ئي مقصد لاءِ وٺي رهيا آهن. سنڌي سماج ۾ هڪ عورت طرف اک کڻڻ جي سزا ڀلي بي درديءَ وارو موت هجي پر ساڳيو ئي سماج ڪنهن هندو نينگريءَ کي ورغلائڻ، ڀڄائي وڃڻ يا اغوا ڪرائڻ جو انعام ڏيڻ لاءِ پ پ پ جي هڪ چونڊيل نمائندي جهڙن انيڪ چهرن جي صورت ۾ تيار ويٺو آهي!. جنهن سماج ۾ ٻڪريءَ چوريءَ جي الزام هيٺ آيل ڪو غريب، وڪيل نه ڪري سگهڻ سبب جنم ٽيپ ڀوڳي وڃي ٿو، اتي اهڙا هندو ڇوڪري اغوا ڪري اچڻ تي وڪيلن ۽ محافظن جون قطارون بيهاري ڇڏين ٿا!. ساڳي ئي علائقي جون نينگريون ديا ٻائي، رجني ٻائي، ڊاڪٽر راڌا، ڊاڪٽر سُلڇڻي گل، پريانڪا ۽ نيلم لڌاڻيءَ سميت انيڪ هندو نينگرين جو مذهب مٽرائي، اسلام کي ڪيتريون ئي ”عظمتون“ ڏيڻ سان گڏ، پنهنجي انيڪ ظلمن لاءِ ذميوار هئڻ باوجود، جنت ۾ جاءِ جي بڪنگ ڪرائي وئي آهي!. اهي به اطلاع آهن، ته جن هندو نارين کي ڪنهن نه ڪنهن وڪڙ ۾ ڦاسائي مسلمان ڇوڪرن سان نڪاح ڪرايو ويو هو، بعد ۾ اهي نڪاح به ٽوڙائي پنهنجي حرم کي وڌايو ويو آهي!. جڏهن به اهي راز کليا ته ماڻهن کي ڏندين آڱريون آڻڻ کان به ڪجهه وڌيڪ لاءِ سوچڻو پوندو- پر جيستائين اهڙو ڪو ڏينهن اچي ئي اچي، تيستائين ته هڪ اهڙي ڪاري رات ئي رهڻي آهي، جنهن لاءِ ذميوار اسان جي قومي ڀاڙيائپ هوندي يا اهڙن پيرن جي طاقت!؟ ڪونه ڪو ڪڏهن ته، اهو فيصلو ضرور ڪري ڇڏيندو.
رنڪل جو نصيب به، هڪ بنگلي ۾ واڙيل هئڻ دوران چئن ٻارن جي ماءُ بڻجي ويل رجني وارو آهي يا سنڌي سماج پنهنجي زندهه هئڻ جي ”ٽيسٽ ڪيس“ طور ڪجهه ڪري ڏيکارڻ وارو آهي؟ مون کي اها ته خبر ناهي پر هڪ ڊاڪٽر جا لفظ، سنڌ ۾ پنهنجن ڀائرن جي ڪيفيت جي اظهار ۽ هڪ سوالَ طور سنڌُ آڏو آڻڻ چاهيان ٿو. مون کان ٿيل ان سوال جو هر طبقي جي سنڌيءَ وٽ جواب ضرور موجود آهي، پر خبر ناهي ته اُن ۾، اهو جوابُ پنهنجي زبان تي آڻڻ جي همت آهي يا نه؟، ان سوال جو جواب بڻجي اٿي پوَڻ جي سگهه آهي يا نه!؟. هرڪو اهو پاڻ ئي طئه ڪري سگهي ٿو، هرڪو آزاد آهي ڪجه به سوچڻ ۽ سمجهڻ لاءِ. مان ذاتي طور اُهو سوالُ پاڻَ کان ئي ٿيل سمجهي، گذريل 48 ڪلاڪن دوران فقط 4 ڪلاڪ سمهي سگهيو آهيان. اوهان جَي چاهيو ته، ڪجهه به سوچڻ بجاءِ، هر ڳالهه کي نه سمجهڻ جهڙو سمجهي، لتَ ڏئي سمهي سگهو ٿا، ذهن ۾ اها ڳالهه ورجائيندي ته، سنڌي سماجَ مان ڦٽي نڪتل ان سوال جو جوابُ ڳولڻ، وقت وڃائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي ته: ”اسان سخت مايوس آهيون، ذهني دٻاءَ جو شڪار آهيون، پريشان آهيون!. هيءَ ڪهڙي ڪيفيت آهي جو، اسان پنهنجي لاءِ انصاف به نٿا گهري سگهون، پنهنجين اغوا ڪرايل نياڻين کي ڏسي به نٿا سگهون، ملي به نٿا سگهون، مهمان بڻائي گهر آڻي به نٿا سگهون...!!ٰ. ڇا سامائجڻ شرط ئي، اسان پنهنجين ڌيئرن کي، پنهنجن  هٿن سان پاڻَ ئي گُهٽي ماري ڇڏيون....!!؟“

No comments:

Post a Comment