Pages

Labels

Monday 26 March 2012

چيف جسٽس رنڪل معاملي جو نوٽيس وٺي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙي: سلڇڻي ٻائي، اقليتي ۽ انساني حقن جا اڳواڻ


چيف جسٽس رنڪل معاملي جو نوٽيس وٺي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙي: سلڇڻي ٻائي، اقليتي ۽ انساني حقن جا اڳواڻ


اسلام آباد (اي پي پي) اسلام آباد ۾ رنڪل ڪماري جي والده سميت سوين ماڻهن مظاهرو ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته رنڪل ڪماري کي اسلام آباد ۾ مهينو رهائي واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي. گهوٽڪي سميت ڀرپاسي جي علائقن ۾ 9 سالن ۾ 2700 هندو ڇوڪرين کي اغوا ڪري  زوري مذهب مٽرائي مسلمان ڪيو ويو آهي. پاڪستان پيپلزپارٽي اقليتن کي تحفظ فراهم ڪندي پنهنجين صفن ۾ موجود انتشار پکيڙيندڙن کي ٻاهر ڪڍي، جڏهن ته رنڪل ڪماري جي والده سلڇڻي ٻائي جا صحافين آڏو اکين جا بند ٽٽي پيا، هٿ ٻڌي پنهنجي ڌيءَ واپس ڪرائڻ جي التجا ڪندي رهي. ڪالهه اسلام آباد ۾ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو،قادر خان ويلفيئر ٽرسٽ جي چيئرمين قادر خان مندوخيل ايڊووڪيٽ، اڳوڻي وفاقي وزير ڪامريڊ امر لال ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي رنڪل ڪماري جي والده سلڇڻي ٻائي چيف جسٽس آف پاڪستان افتخار محمد چوڌري کان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته هندو پرامن برادري آهي، چيف جسٽس منهنجي ڌيءَ جي اغوا جو نوٽيس وٺندي جوڊيشل انڪوائري جو حڪم ڏئي. هن چيو ته منهنجي ڌيءَ سان منهنجي ملاقات ڪرائي وڃي ۽ جيڪو به هو فيصلو ڪندي اهو اسان کي قبول هوندو، ڪامريڊ امر لال، رياض چانڊيو، قادر خان مندوخيل ايڊووڪيٽ ۽ ٻين پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته رنڪل ڪماري کي مهينو اسلام آباد ۾ رهايو وڃي ته جيئن سندس خوف ختم ٿئي. هنن چيو ته گهوٽڪي ۾ فوج مقرر ڪئي وڃي، پوليس هندن جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. هنن چيو ته بااثر ايم اين اي جي اثر رسوخ جي ڪري رنڪل ڪماري جو پهريون بيان، جنهن ۾ هن پنهنجي مائٽن ڏانهن وڃڻ جو بيان ڏنو ويو هو تنهن کي رڪارڊ نه ڪرايو ويو. هنن چيو ته عدالتي ڪميشن جوڙي معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي. هنن چيو ته واقعي ۾ ملوث بااثر ايم اين اي ۽ سندس مائٽن تي 13 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن، گهوٽڪي ۽ ڀرپاسي ۾ 9 سالن ۾ 2700 سئو هندو ڇوڪرين کي زوري مذهب مٽرائي مسلمان ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته اهو سڄو ڊرامو ملڪيتون ڦٻائڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي ۽ ڪجهه ڌريون چاهين ٿيون ته هندو مسلمان جهڙو ٿئي. هنن چيو ته حڪومت اقليتن کي تحفظ فراهم ڪري ۽ پنهنجين صفن ۾ موجود انتشار پکيڙيندڙ عنصرن کي ٻاهر ڪڍي. پريس ڪانفرنس کانپوءِ نيشنل پريس ڪلب آڏو سوين ماڻهن سلڇڻي ٻائي، رياض چانڊيو، ڪامريڊ امر لال، ايڊووڪيٽ قادر خان مندوخيل جي اڳواڻي ۾ اسلام آباد پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪندي مطالبو ڪيو ته رنڪل ڪماري کي مائٽن حوالي ڪيو وڃي ۽ سندس اغوا جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ عدالتي ڪميشن قائم ڪئي وڃي
courtecy - awami awaz.

No comments:

Post a Comment