1947 جي ورهاڱي کان اڳ سنڌ جا وارث سنڌي هندو پنهنجي وطن ۽ عوام جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ پتوڙيندا رهيا، سنڌي هندو معاشي طور خوشحال هئڻ ڪري تعليم، صحت ۽ انفرا اسٽرڪچرل لاءِ گڻو ڪجهه ڪيو. هو سنڌ جو مڊل ڪلاس هو. ڪارو باري هئڻ ڪري آڀرندڙ سرمائيدار هو. انهن پنهنجي دور ۾ سنڌ جي وڏن شهرن توڻي ننڍن شهرن ۾ تعليم لاءِ ڪوششون ورتيون، ڪراچي ۾ پهريون ڪاليج ڊي جي ڏيارام ڄيٺهل ڪاليج انهن جي ڪوششن سان کليو. ٻهراڙين مان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ شهر ڏانهن ايندڙن لاءِ ميٺارام هاسٽل ۽ شيوا ڪنج جوڙايو.
1916 شريمتي ٻائي نياڻين لاءِ اسڪول کولرايو، ڪراچيءَ ۾ ڪميونٽي هال، راندين لاءِ ميدان، جيم خانا به انهن جي جاکوڙ سان جُڙيا.
مڊل ڪلاس ۽ پڙهيل طبقي جو سماج ۾ ڪردار ادا ڪرڻ سان سنڌي قوم ترقي ۽ خوشحالي ڏانهن وکون کڻي رهي هئي. اڄ جي ڪراچي، شهر جي ڪاروبار تي سنڌي هندن جو راڄ هو. جنهن سبب شهر جا روڊ رستا صاف سٿرا شاندار عمارتون جيڪي اڄ به ڏيک ڏئي رهيون آهن. تعليم، صحت گهر ان دور ۾ ٻن لکن کان وڌيڪ سنڌي هندو ڪراچيءَ ۾ رهندا هئا. ورهاڱي کان پوءِ مذهبي جنونيت سبب سنڌي هندن کي لڏايو ويو. سندن ڪاروبار تي قبضو ڪيو ويو، سنڌين جي معيشيت تي اوچتي ڌاڙي سان سنڌ ويهي رهي. ڪوڙن ڪليمن ۽ رياست جي جبري پٺڀرائي سان سنڌي هندن جي ملڪيتن، گهرن ۽ ڪاروبار تي پناهگيرن جو حق تسليم ڪيو ويو، مذهبي ڇڪتاڻ سبب ۽ رياست جي عدم دلچسپي جي ڪري جبري طور پنج هزار سالن جي تهذيب رکندڙ ۽ سنڌ سان لازاول محبت ڪندڙن کي صرف مذهب جي نالي ۾ تڙيو ويو. بد قسمتي سان اُن وقت جاگيردارن جي رويي ۽ قومي جذبي جي گهٽتائي ڪري تاريخ جي وڏي لڏ پلاڻ ۽ ستم ظريفي نظر آئي.
لاڙڪاڻي جي رهواسي هري موتواڻي جو سنڌين جي هندستان ڏانهن لڏ پلاڻ تي ناول ”ابو“ ڏاڍو مشهور ٿيو. جيڪو هن سنڌي هندن جي ترجماني طور لکيو، جڏهن مان هن سان مليو هوس ته هو روئي ويٺو هزارين سالن جي پيڙهين کان رهندڙ سنڌو جي پوتر پاڻي پيئدڙ جيڪي مٽيءَ مان پئدا ٿيندڙ اناج کائيندڙ، پنهنجن سان عيدون ۽ ڏياريوون ملهائيدڙ سڪون ۽ امن سان رهندڙ مذهبي جنون کان مٿانهون ٿي هڪ ٻئي جي مدد ڪندڙ قوم کي مذهب ورهائي ڇڏيو ۽ وڏي انگ ۾ سنڌي هندو سڀ ڪجهه وڃائي وطن مان تڙيا ويا ۽ سنڌ کي جاگيرداراڻي تهذيب ۽ مذهبي ڪٽرپڻي حوالي ڪيو ويو.
60 سلان کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر مذهبي ڪٽرپڻي پنهنجي مڪروه شڪل ڏکارڻ شروع ڪئي آهي. پُر امن، ڪاروباري ماڻهن کي هيسايو پيو وڃي. کين اقليت سمجهي اغوا ڪرڻ، کين بي درديءَ سان قتل ڪرڻ، سندن نياڻيون اغوا ڪري جبري طور مسلمان بڻائڻ ۽ ڀتو وٺڻ جي رسم هلي پئي آهي، سنڌ جو وڏيرو، جاگيردار، ڏاڍو مڙس، ڌاڙيل گڏجي ان ڪُڍي رسم ۾ ڪُڏي پيا آهن.
رياست، جنهن جي ذميواري آهي ته هوءَ رياست اندر رهندڙن جي بغير رنگ، نسل ۽ مذهب جي هر فرد جو تحفظ ڪري اُن جي مال، جان ملڪيت جي ذميوار آهي پر لڳي ٿو ته هتي سنڌي هندن کي ڀڄائڻ ۽ انهن جي ملڪيتن تي قبضي جو پلان جوڙيو ويو آهي. 60 لکن جي تعداد ۾ رهندڙ هي سنڌي هندو ڌرتيءَ ڌڻي آهن سنڌ جا حقيقي وارث آهن پوءِ به ننڌڻڪا بيوس ۽ لاچار نظر اچن ٿا.
رنڪل ڪماري کي ڏاڍ ذريعي قيد ڪرڻ، سندس راءِ تي اثرانداز ٿيڻ، سنڌ توڻي وفاقي سرڪار جي حڪمن کي نه مڃڻ، جهنگ جي قانون کانسواءِ ٻيو ڇاهي؟
21 صديءَ ۾ به سنڌ جا ماڻهو جهالتن، ذلتن ۽ داداگيرن جي وَر چڙهيل آهن.
علم، ادب، اقتصاديات ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندڙ قوم کي مذهب جي نالي ۾ ورهايو پيو وڃي. اڄ به سنڌي هندو مڊل ڪلاس، ۽ اُڀرندڙ سرمائيدار آهي، جنهن جو هن لمعاشري جي ترقي ۽ خوشحاليءَ ۾ اهم ڪردار آهي. ڪالهه نسل پرستن ۽ جاگيردارن ته اڄ وري مذهبي جنونيت پسند ۽ وڏيرڪي قبضي خور نفسيا اهو سڀ ڪجهه ڪري رهي آهي. اُتر سنڌ جا هندو نفسياتي طرح سان ڊڄي ويا آهن. ڇاڪاڻ انصاف نٿو ملي، والدين ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ پنهنجن ٻچن جي تحفظ لاءِ گهرن کي تالا هڻن ٿا. روزانو ڪئي لڏ پلاڻ ڪري هندستان وڃن ٿيون، سنڌ ڇڏڻ وقت هو روئي ويهن ٿا.
سنڌ جي ووٽن تي اقتدار ماڻيندڙ پارٽي به ڳجهن هٿن آڏو بي وس ۽ لاچار نظر اچي ٿي. گهڻ طرفي سازش آهي جيڪا سمورن سنڌي هندن کي هتان لڏائڻ چاهي ٿي. اهڙي صورت حال ۾ ڌرتيءَ ڏڻين جي تحفظ جي ذميواري کڻڻي پوندي، سنڌ جي قومي ۽ ترقي پسند تحريڪ کي صف بندي ڪري، هن مُک سبب کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊگهي مزاحمتي پاليسي جوڻڻي پوندي. قوم آڏو چند جنونيت پسند، وڏيرا، ڳجها ادارا ڪجهه به نه آهن. جيڪڏهن هن مرحلي تي سنڌي هندن جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿياسين ته 1947 کان پوءِ وارو ڪاپاري نقصان ٻيهر برداشت ڪرڻو پوندو، ان ڪري بيان بازي معمولي احتجاجن کان ڳالهه چڙهي وئي آهي.
سنڌ صوفين جي ڌرتي هئي. جمهوريت جي تقاضا به آهي ٿي ته هر ڪنهن جو احرام ڪريون جبر ۽ ڏاڍ کي مات ڏيو. سنڌجو اڪثريتي عوام اڄ به هر قسم جي جنونيت جي خلاف آهي، مذهبي ڪٽرڦڻي جي خلاف آهي. سيڪيولر ۽ برابري واري نظام ۽ مزاج جو حامي آهي.
بس خول مان نڪرڻ جي ضرورت آهي.
هڪ طرف پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڌارين جو سنڌ ۾ اچڻ ۽ معاشيات تي قبضي سبب مالڪي کسجي وئي آهي. ڌارين جي اچڻ ڪري پُرامن، جمهوري ڪلچر تباهه ٿيو آهي، هندستان جي آزاد ٿيڻ سان جاگيرداري جي خاتمي سبب جمهوري تهذيب سگهاري ٿي آهي جنهن سبب اتي 20 ڪروڙ مسلمان اقليت رهي ٿي، ڪاروبار ڪري ٿي پنهنجا مذهبي عقيدا احترام سان ۽ پُر امن طريقي سان ملهائي ٿي. جيتوڻيڪ مذهبي ڪٽرپڻو به وڌيو هو. بابري مسجد جا معاملا، گجرات ۾ مذهبي فساد پر بي جي پي مذهبي ڪٽرپڻي کي بنياد بنائي هڪ ڀيرو اقتدار ماڻي سگهي پر سگهاري سيڪيولر ۽ جمهوري مزاج بي جي پي کي لوڏي ڇڏيو آهي. قومن ۽ عوام جي اڪثريت ئي سڀ ڪجهه هوندي آهي صرف نظرياتي طرح سان واضح ۽ چٽو موقف هجي، سنڌ ۾ مذهبي ڪٽرپڻو وڌيو آهي، ڪنهن ۾ همت نه پئي ٿئي ته چڪ واقعي ۽ رنڪل ڪماريءَ جي اشو کي بنياد بڻائي ڪا سنڌ ۾ شاندار هڙتال ڪجي. ڪو ڪراچي ڏهرڪي، شڪارپور ۾ هن ڏاڍ جي خلاف قومي ڪارڪنن ۽ عوام جو سمنڊ گڏ ڪري جنونيت پسندن، فرد جي آزادي جي مخالفن ۽ ڏاڍ مُڙسي واري ڪلچر خلاف ڪو تاريخي رفرينڊم ريڪارڊ ڪرائين ها.
ڌرتيءَ ڌڻين (جيڪي اڄ پاڻ کي لاوارث سمجهن ٿا) کي ڪو ڏڍ ملي ها، ڪو گهنشام، ڪو رتن، ڪا جوڌا ٻائي پنهنجا ٻچا وٺي سنڌ امڙ کي ڇڏي نه وڃن ها.
جيڪڏهن سنڌ جي علم، ڏاهپ، فڪر، فلسفي، امن، شعور، جمهوريت، آزادي، برابري، معاشي طاقت ۽ سڀاڻ جي شاندار سنڌ کي بچائڻو آهي ته سنڌ جي ڌرتيءَ ڌڻين سنڌي هندن کي بچائڻو پوندو. ته جيئن ڪنهن امڙ جي اک مان رت جا ڳوڙها نه ڳڙن، ڪو پنهنجي گهر کي تالا نه هڻي.
ڪو پورهيو ڪري ڀُنگ نه ڀري، ڪو وري ڀتو نه ڏئي.
سنڌ جا وارثو! سنڌ گهڻ رُخي گهيري ۾ آهي. وطن جا ويري قومي تحريڪ کي منجهائڻ نون اشوز ۾ ڦاساڻ، قومي ٻڌي کي ٽوڙڻ جا سانباها ڪري رهيا آهن.
سنڌ جي قومي تحريڪ کي به نئين صف بنديءَ سان دشمن جي وڇايل ڄار ۽ پنجوڙ مان آجو ٿيڻ لاءِ گهڻ طرفي ۽ ڏاهپ پر جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي.
سنڌ جا هندو سنڌي قوم جو نه ٽٽندڙ حصو آهن. هي وطن، ڌرتي هنن جي به آهي، سنڌي قوم پنهنجي وجود خلاف ٿيل اڻ کٽندڙ جنگ جو مقابلو ڪري، چند وڏيرا، جنونيت پسند گروهه يا ٽولا سنڌ جي وجود جا ويري آهن. تاريخ قومن جي ويرين، گروهن، نسلن ۽ ٽولن کي مٽيءَ ۾ ڌوڙ ڪري ڇڏيندي آهي.
سنڌي هندو پنهنجي آس، اميد ۽ مستقبل سنڌ سان واڳيل رکن، عارضي مشڪلاتون دائمي آزادي، خوشحالي ۽ امن کي جنم ڏينديون.
علي حسن چانڊيو
courtecy - awami awaz
No comments:
Post a Comment