Pages

Labels

Wednesday 14 March 2012

رنڪل کي مذهب جي آڙ ۾ اغوا ڪيو ويو آهي: رياض چانڊيو

رنڪل کي مذهب جي آڙ ۾ اغوا ڪيو ويو آهي: رياض  چانڊيو
راڻيپور (ن ع آ) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيي چيو آهي ته سنڌ جي وحدت ۽ وجود جو سودو ڪڏهن به ڪرڻ نه ڏينداسين. سنڌ جي قومپرستن لاءِ پريس ڪلب  ڪراچي ريڊ زون قرار ڏنو ويو آهي. حڪمران انهن سان ٻٽ بڻيل آهن، جيڪي ڪراچي کي صوبو ٺاهڻ چاهين ٿا ۽ پريس ڪلب تائين پهچي پنهنجو احتجاج ڪن ٿا. راڻيپور پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جا هڪ لک 13 هزار  ووٽ بلوچستان ۾ داخل ڪيا ويا آهن ۽ بنگالين جي هڪ لک ووٽن  کي ڪراچي ۾  داخل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ خلاف هر سازش جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين ۽ ناڪام  بڻائينداسون.  سنڌ ڄائي رنڪل ڪماري کي مذهب جي آڙ ۾ اغوا ڪيو ويو آهي. سنڌ جي نياڻي هندو هجي يا مسلمان ان کي اغوا ڪرڻ ۽ سياست برداشت نه ڪنداسين. هن چيو ته اسان اقليتي ڀائرن سان گڏ آهيون، جيڪڏهن ڪراچي پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال تي اقليتي گڏ ٿيا ته جيئي سنڌ محاذ به انهن سان گڏ هوندي.

No comments:

Post a Comment