Pages

Labels

Friday, 9 March 2012

ڇا رنڪل جي مائٽن کي حق ناهي ته هو پنهنجي نياڻيءَ جي وارثي ڪن ؟


پيرن ۽ ميرن جي اگر ٻڪري به چوري ٿيندي آهي ته پورو ڳوٺ ٻڌرائيندا ۽ ڪٽرائيندا آهن. ته ڇا رنڪل جي مائٽن کي حق ناهي ته هو پنهنجي نياڻيءَ جي وارثي ڪن ؟ ڇا پيرن ۽ ميرن جي جانورن کان به سنڌي ڇوڪريءَ جي اهميت ۽ عزت ڪانهي. هوءَ ڪو رانديڪو ته ڪونهي، هوءَ ته زنده انسان آهي. ڪجه پلن ۾ مسلمان ٿي وئي! ڪجه گهڙين ۾ گم ٿي وئي ! هن کي ڪوٽن ۾ لڪائڻ جو مطلب آهي ته اسلام ۾ ڪا طاقت ڪانهي ! اهو اسلام نه ٿو ٿي سگهي ...اهڙي اسلام کان ڀينگ ڀلي آهي. اهو اسلام نه پر سنڌي سماج جو قتلام آهي( سوشل ميڊيا جي سڀ دوستن کي شابس آهي جن عملي طور پريس ڪلب تي مظاهرو ڪري پنهنجي سنڌيت جو حقيقي رنگ پيش ڪيو آهي. جيئي سنڌ ، ڊاڪٽر سارنگ انصاري نيويارڪ )


1 comment: