Pages

Labels

Friday, 9 March 2012

شڪاري نفسيات ۽ رينڪل ڪماري

شڪاري نفسيات ۽ رينڪل ڪماري
سرمد
_________________________

زندگي تو بنا اداس اداس
جيئن سنسان شام هوليءَ جي
رنگ ۾ رنگ جو نه احساس
زندگي تو بنا اداس اداس. (نارائڻ شيام(
ڪالهه هولي هئي. هوليءَ جي رنگين ڏيهاڙي کي اسان جي هندو دوستن ۽ ڀائرن رينڪل ڪماري واري واقعي ڪري سوڳ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته اڄ عورتن جي عالمي ڏينهن کي اسان جي ڪجهه تنظيمن ۽ عورتن جي حقن، برابري ۽ خوداختياري لاءِ وڙهندڙ دوستن رينڪل ڪماري جي نانءُ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
مان سوچيان ٿو ته اڄ محترمه بينظير ڀٽو زنده هجي ها ته ميان مٺو رينڪل ڪماري واقعي باوجود اڃا پارٽيءَ ۾ هجي ها؟ پاڪستاني سياست ۾ ’ديواني جينئس‘ جو لقب ماڻيندڙ پارٽيءَ جي موجوده شريڪ چيئرمين کي ان جي ڪيتري پرواهه آهي ته اهڙن واقعن ۾ جڏهن سندي پارٽي جو چونڊيل ايم اين اي ملوث هجي ته پارٽي ساک ملڪي ۽ غيرملڪي سطح تي ڪيترو متاثر ٿي سگهي ٿي. پارٽي جنهن جي ڪريڊٽ تي عورت دوست ۽ غير مسلم ڪميونٽيز جي حوالي کان ڪافي گهڻو ڪجهه آهي ان کي وڃائڻ کان بچائڻ لاءِ ضروري آهي ته موجوده قيادت کي هن  واقعي جو فوري نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ ان قسم جي ميمبرن کي قبلو درست ڪرڻ جو چوڻ گهرجي.
پر مون لاءِ پارٽي کان وڌيڪ اسان جي اها ڪميونٽي آهي جنهن کي اقليت چوڻ وڏي بيشرمائي ٿيندي ڇو ته هن ڌرتي جي ڪک مان جنم وٺندڙ نه ته اقليت آهن ۽ نه اوپرا. سنڌ پاڪستان جي باقي اڪاين ۾ جيڪڏهن ڪنهن وڙ ۾ افضل آهي ته اهو سنڌ جو صوفياڻو روايتي سهپ وارو ڪلچر آهي جنهن ۾ ماڻهو جي سڃاڻپ ذات پات، مذهب ۽ ڌرم کان مٿي هجي ٿي. اهڙي ڪلچر کي ختم ڪرڻ جي به ڪسر نه ڇڏي وئي آهي ۽ رينڪل ڪماري واقعو انهن واقعن ۾ ڳڻائي سگهجي ٿو.
اها محض پسند جي پرڻي يا مذهب بدلائڻ جي ڳالهه نه آهي. اسان اهڙا ڪيئي واقعا ڏٺا آهن ۽ رضا خوشي پويان لڪل جبر ڏٺو آهي. جڪب آباد جي ڪويتا کان رينڪل ڪماري اهڙي شڪاري نفسيات جو داستان آهي. ڪويتا جيڪب آباد جي بانو بازار جي رهواسڻ ڪيئن ورغلائي کنڀي وئي ۽ ڪيئن ان جي نام نهاد رضا خوشي سوين هٿياربندن جي گهيري ۾ معلوم ڪئي وئي ۽ ڪيئن ڪويتا جي والدين کي انهن هٿياربند پهريدارن ۽ هڪ مذهبي جماعت جي ڏنڊا بردار ٽولن جي محاصري ۾ ملڻ ڏنو ويو ۽ پوءِ جيڪب آباد جي هندو برادري ۾ وڌيڪ خوف ويهارڻ ۽ هيسائڻ ۽ تذليل ڪرڻ لاءِ جلوس جي شڪل ۾ ڪويتا کي اڳوڻي وزيراعظم ظفر الله جمالي جي پٽ جي لينڊڪروزر گاڏي ۾ گهمايو ويو. ڪويتا انهي بااثر شخص جي پناهه ۾ رهي... ۽ پوءِ جي ڪير اهو چئي ته اهو رضا خوشي جو مامرو آهي ته ان تي ڪهڙو جواب ڏجي؟ اهو فريب ۽ ڍونگ آهي. ان ۾ ڪجهه به فيئر نه آهي. جيڪڏهن رضا خوشيءَ جو مامرو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ مذهب بدلائڻ يا پسند جو پرڻو ڪندڙ ڇوڪريءَ کي سواءِ ڪنهن گهيري جي الڳ هنڌ تي رکي سوچ ويچار ڪرڻ ۽ پوءِ پنهنجو فيصلو ٻڌائڻ جي مهلت ۽ ماحول ڏنو وڃي. پاڪستان انڊيا نه آهي جتي بال ٺاڪري جي ڀائٽي به جي مسلمان سان شادي ڪري ته مسئلو پيدا نه ٿو ٿئي.
اسان رڳو هندن نه پر احمدين سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو آهي؟ اسان مسيحي برادري سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو آهي. اسان شرمين جي آسڪر ايوارڊ تي هن کي اعليٰ سول اعزاز سان نوازيون ٿا (جيڪو هوئن بهتر فيصلو آهي پر اهو به ان وقت ڪيون ٿا جڏهن هن جي مڃتا ٻاهر ٿئي ٿي) پر ڊاڪٽر عبدالسلام جيڪو پاڪستان جو پهريون شخص آهي جنهن کي ڪوانٽم فزڪس تي نوبل پرائز سان نوازيو ويو پر ڪڏهن اوهان ٻڌو ته هن جو نالو ڪنهن اعليٰ تعليمي ۽ تحقيقي اداري يا ڪنهن قومي اداري جي پويان رکيو ويو؟ ڪڏهن اوهان ٻڌو ته هن جي ورسي يا سالگرهه ڌوم ڌام سان ملهائي وئي. سوئيزرلينڊ ۾ هڪ اسٽريٽ ڊاڪٽر عبدالسلام جي نالي منسوب ٿيل آهي پر اسان هن عظيم جينئس سائنسدان جو ڪو به قدر نه ڪيو. رڳو ان ڪري ته هو احمدي فرقي سان تعلق رکندڙ هو، احمدي جيڪي 77ع تائين اسان جهڙا مسلم هئا پر پوءَ اسان جي بيحد لبرل ۽ سيڪيولر اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽو ساڄي ڌر جي سازش ۾ اچي کين غيرمسلم اقليت قرار ڏئي ڇڏيو. گذريل سال لاهور ۾ احمدين جو منظم قتل عام ۽ هنن هي عبادتگاهه تي حملو پنجاب حڪومت توڻي اسان لاءِ باعث شرم آهي. گوجرا ۾ عيسائين جي ڪالونين کي شمشان گهاٽ ۾ تبديل ڪرڻ باوجود پنجاب جي خادم اعليٰ کي اها توفيق نه ٿي ته هو  انهن وٽ هلي وڃي.
پاڪستان ۾ مسلمانن سان دنيا ڀر ۾ ٿيندڙ زيادتين ۽ خاص طور نائين اليون وارن دهشتگرد واقعن بعد امريڪا ۽ اولهه جي باقي ملڪن ۾ امتيازي سلوڪ تي ڏاڍو ڳالهايو ويندو آهي. ليڪن اسان وٽ جيڪي غير مسلمانن سان ٿيندو آهي ان تي ساڳي لابي خاموش هوندي آهي. ٻيو ته ٺهيو پر اسان وٽ شيعن جو قتلام جاري آهي پر ان تي پڻ اسان جي ساڳي لابي خاموش ڏٺي وئي آهي. ٻٽو ۽ منافق رويو ان کي چئبو آهي. غزا، ڪشمير، بوسينيا، وغيره جتي به ڪو واقعو ٿئي اسان کي عالم اسلام خطري ۾ محسوس ٿيندو آهي. ڀٽائي ان کي ’ڪوڙو تون ڪفر سين‘ وارن لفظن ۾ چٽو ڪيو هو.
هوليءَ کي مڪمل خوشيءَ جو تهوار بنائڻ لاءِ هندو برادريءَ مان خوف ختم ڪيو ۽ عورت جو ڏينهن تڏهن پرمسرت نموني ملهائي سگهبو جڏهن اها سواءِ ڪنهن خوف ۽ امتياز جي زندگي گذارڻ شروع ڪندي. ان وقت تائين هولي جي رنگن تي بي رنگي ڇانيل رهندي ۽ عورتن جو عالمي ڏيهاڙو رنگين پوسٽرن ۽ بينرن کانسواءِ ڪجهه نه هوندو.
sarmad2012@gmail.com

No comments:

Post a Comment