رنڪل ڪماري جو درد
هي ڳالهه اڄ جي ناهي پر هي قصو صدين جو آهي توهان ۽ اسان ڪيترا به ليبل هڻي هلون صدين جي هلندڙ ڇاپ ختم نه ٿيندي. اڄ به ڪوڙ ۽ ٺڳي فاتح ۽ عورت ڪهٽڙي ۾ بيٺل آهي. جڏهن هلڻو ئي پراڻي صدين جي رستي تي آهي ته پوءِ ڇا لاءِ لفظن جو سهارو وٺي پاڻ کي برابري جو نالو ڏيون ٿا، اهڙي دوکي ۾ پوڻ جي ضرورت ئي ڇو آهي جڏهن اندر جي سوچ هينئر به اڻبرابري تي ٻڌل سسٽم کي قبول ڪري.
مون کي سمجهه ۾ نه آيو آهي ته آخر انسان سچ ۽ انصاف پسند ٿي ڇو نه ٿو هلي ان کي ڪهڙي ضرورت آ جو دوکيبازي تي ٻڌل نظام تي هلي پيو اسان کان گهٽ ۾ گهٽ اهو ڍڳو چڱو آهي جيڪو اکين تي ٻڌل پٽي کانپوءِ چاڪيءَ جا گول چڪر هڻندو رهي ٿو اسان جون اکيون کليل هوندي به رستو نٿو نظر اچي.
سماج ۾ ناانصافي ان وقت جنم وٺي ٿي جڏهن انسانن جي وچ ۾ فرق پيدا ڪري انهن جي سگهه جي ورهاست ڪئي وڃي ٿي، مان ذاتي طور تي چيو آهي ته عورت ۽ مرد کي روايتي انداز سان نه کڻو ۽ نه ئي منهنجي هتي لکڻ جو مقصد عورت ۽ مرد تي روايتي انداز سان آهي. مون کي کوکلي لفاظي ۽ ناٽڪ بازي سان سخت نفرت آهي، جيستائين توهان جي اندر جي سچائي ۽ اصول پرستي شامل ناهي تيستائين ڪڏهن به تبديلي سگهندؤ.
هن سماج جي صليب تي عورت کي ئي ٽنگيو ويو آهي، هن کان ئي عزت جي سرٽيفيڪٽ کان وٺي هر محنت جو حساب ورتو وڃي ٿو. مون هڪ ڀيري شهيد بينظير ڀٽو جا جملا پڙهيا هئا هوءَ لکي ٿي ته هڪ عورت جي حيثيت سان مون کي پنهنجي والدين جي گهر ۾ پنهنجي حيثيت ۽ اهميت جو احساس ٿيو ۽ محسوس ٿيو ته هڪ نه هڪ ڏينهن منهنجي موجودگي هن گهر ۾ سوال اُٿاريندي. ان دوران مان شهيد بينظير ڀٽو جي ان جملي تي سخت اختلاف رکيا ته اهو غلط آهي، گهٽ ۾ گهٽ پڙهيل لکيل ۽ سلجهيل ذهن ائين نه ٿا سوچي سگهن.
پر ان وقت مان غلط هئس ائين ناهي، هڪ عورت جي حيثيت سان هن سماج جي ڪٽهڙي ۾ بيهڻو پوي ته توهان ڪيتري به قرباني ڏيو ان جي باوجود به توهان کي اکيون ڏيکاري چيو ويندو، توهان جي حيثيت ئي ڇا آهي؟
اهڙو ئي سڀ ڪجهه رنڪل ڪماري سان ٿيو، اخبارون هڪ ڀيرو ٻيهر سرخين سان ڀريل هيون، جنهن ۾ لکيل هو ته پيار جي شادي ڪندڙ رنڪل ڪماري، جنهن به اها خبر پڙهي، تنهن اهو ئي چيو ڪجهه به هجي ڀلا ڇوڪريءَ جو ڪٿي ته قصور هوندو.
ڪڏهن ڪڏهن مون کي محسوس ٿيندو آهي ته يقينن ڇوڪري ٿِي پيدا ٿيڻ وڏو گناهه آهي. ڪيئن نه آرام سان رنڪل ڪماري تي لکي ڏنوسين ته هوءَ پيار جي شادي ڪري گهر ڇڏي وئي. ڪنهن جي زندگي سان کيڏڻ ۽ ان تي ريمارڪس پاس ڪرڻ هن سماج جي نئين روايت ناهي هي صدين جو قصو آهي، ائين ئي ٿيندو رهيو ۽ ٿي رهيو آهي.
سنڌ جي سماج جي ڪٽهڙي ۾ رنڪل ڪماري ئي بيٺل آهي، جنهن سان ڏاڍ، ظلم ۽ بي حرمتي ٿي، جنهن جي زندگي نيلام ٿي اها ئي ڪٽهڙي ۾ بيٺل آهي. رنڪل ڪماري جي لاءِ شروعاتي ڏينهن کان مون لکيو ته هن ڪيس جي منظر کي جيئن پيش ڪيو پيو وڃي ايئن ناهي، ٿورو سوچيو دل تي هٿ رکي ڳالهايو، پر گناهه ۽ عزتن جا پلڙا صرف عورت جي کاتي ۾ وڌا ويا آهن ۽ ان کان ئي حساب ڪتاب ورتا ويندا.
رنڪل ڪماري 12 مارچ 2012ع تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آندي وئي ۽ ان ڏينهن مان خاص طور تي رنڪل ڪماري ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ ويس، سنڌ هاءِ ڪورٽ اندر داخل ٿيندي گيٽ تي بيٺل سنڌي سپاهي منهنجو بيگ چيڪ ڪندي چيو، جيڪڏهن انصاف ملن ها ته ڇا مان هتي بيٺل هجان ها ۽ مون پاڻ کي جواب ڏيندي چيو هي سچ ئي چوي پيو، جيڪڏهن انصاف هجي ها ته ڇا رنڪل اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪٽهڙي ۾ بيٺل هجي ها..!!!!
ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪمرو سڄو ڀريل هو مون ڪوشش ڪئي ته ڪٿي اهڙي جڳهه ملي سگهي جتان رنڪل ڪيس کي ٻڌي سگهان. اندر هڪ ڇوڪري بيٺل هئي، جنهن کي منهن تي نقاب هو، ان مون کي ڏٺو ۽ مان هن جي ڏسڻ کي اڻ ڏٺو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئس ته آخر هوءَ ڪير آهي؟ ايتري ۾ عدالتي ڪمري ۾ گوڙ ٿيو ۽ هر آواز چيو رستو ڏيو رنڪل پئي اچي، مون نظر ڊوڙائي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي ته رنڪل ڪٿي آهي؟ پر اتي ئي اها ڇوڪري جيڪا نقاب ۾ هئي، پوليس ۽ عورتن جي گهيري ۾ هئي، اها رنڪل ڪماري ئي هئي جنهن کي ٻه عورتون ٻانهه کان ائين پڪڙي وٺي وڃي رهيون هيون ڄڻ هن ڪي وڏا ڏوهه ڪيا هجن ۽ مان ڏسندي ئي رهجي ويس ته منهنجي ڀرسان ئي اهي رنڪل کي ڪيئن پڪڙي وٺي وڃي رهيون هيون.
ڪمري ۾ گهڻي گوڙ ڪري جج صاحب آرڊر ڏنو ته ماڻهن کي ٻاهر ڪڍو ۽ ڪيس سان لاڳاپيل ڪجهه صحافي ڪمري ۾ موجود رهن. مون کي ڪنهن هٿ ان ڪري نه هنيو ته گهڻن ماڻهن جو اندازو هو ته مان شايد رنڪل ڪماري جي فيملي مان يا وري ٻاهر کان آيل آهيان، جنهن ڪري ڪنهن ڪجهه به نه چيو. ان سان گڏ مان وڪيلن جي جڳهه تي وڃي بيهي رهيس جتان مون رنڪل کي آرام سان ڏسي پي سگهيو.
هوءَ منهنجي اڳيان بلڪل expression less بيٺل هئي، پر هن جي اکين ۾ غم کي هر هڪ ڏٺو هوندو، جن جو من اندر کان ٽٽل هجي اهي ڪيئن نه ٻئي جي اکين ۾ موجود پيڙاهه کي ڏسي سگهن ٿا. رنڪل ڪيتري نه خاموشيءَ سان بيٺل هئي، اهي ٽئي عورتون جن مان هڪ پوليس واري جيڪا نه هجڻ جي برابر هئي، پر اهي ٻه عورتون جيڪي ميان مٺو جي طرفان موڪليل هيون انهن رنڪل کي پوري قبضي ۾ رکيو هو. ڪيس دوران اقبال حيدر وڪيل بهترين ريمارڪس ڏيندي چيو، هن ڪيس جي هر ڪڙي کي ڏسو ته توهان کي خبر پئجي ويندي هي اغوا جو ڪيس آهي. اسان کي ٻڌايو ته آخر ڪا پوڙهي عورت اسلام قبول ڇو نه ٿي ڪري صرف نوجوان ڇوڪريون ڇو اسلام قبول ڪن ٿيون. رنڪل ان دوران اقبال حيدر جا ريمارڪس ٻڌندي انتهائي معصوميت سان ان کي ڏسندي رهي. رنڪل کي جنهن وقت نقاب لاهڻ لاءِ چيو ويو ته ان دوران رنڪل نقاب لاهي ڪوشش پئي ڪئي ته هوءَ پنهنجي ماءُ کي ڏسي سگهي، پر انهن ٻنهي عورتن رنڪل جي منهن کي زور سان ٻئي پاسي ڪيو.
رنڪل کي جج جي چيمبر ۾ گهرايو ويو ۽ انهي دوران هڪ ڇوڪري روئيندي اڳتي اچڻ جي ڪوشش ڪري رهئي هئي ته جيئن هوءَ رنڪل سان ملي سگهي، پر ان دوران سپاهي ۽ نان سولين ماڻهو اڳيان اچي ويا جن ان ڇوڪري جو رستو بند ڪري ڇڏيو، منهنجي اڳيان هي سڀ ڪجهه مووي جيان ٿي رهيو هو ۽ مان ان ڇوڪري کي ڏسندي رهيس جيڪا روئيندي رهي ۽ ان کي ڪنهن ڀاڪر پائيندي چيو، هلي اچ هو اسان کي ملڻ نه ڏيندا. اها ڇوڪري رنڪل جي ڀيڻ هئي، مان ان دوران رنڪل جي ڀينرن ۽ ماءُ سان مليس جيڪي خاموش ۽ اکين مان لڙڪ لاڙيندو رهيون.
ٻئي پاسي آيل سياستدان پنهنجي ميڊيا ڪوريج لاءِ ميڊيا آڏو بيٺل هئا، پر ڪنهن به رنڪل کي ڀينرن ۽ ماءُ سان نه ملايو. خير مان ڇا لکان ان جي ڀينرن لاءِ جيڪي صرف اکين مان نير لاڙي رهيون هيون ۽ ان جي ماءُ مون جي مٿي تي هٿ سان پيار ڪندي چيو منهنجي ڌيءَ سان مون کي نه ٿو ملڻ ڏنو وڃي؟ هوءَ به تو جيتري آهي، دعا ڪر منهنجي نياڻي واپس اچي مان ڪجهه نه ٿي گهران بس منهنجي ڌيءَ واپس ڏيو، انهن ان کي گهر مان کنڀي کنيو آهي. هوءَ روئيندي رهي... عدالت جي ڪمري ۾ انصاف جي اوسيئڙي ۾ ويٺل هڪ ماءُ جنهن کي ملڻ جي اجازت نه هئي.
دنيا جو ڪهڙو قانون ۽ مذهب آهي جيڪو هڪ ماءُ کي پنهنجي ڌيءَ سان ملڻ کان روڪي؟ ان وقت مون کي پنهنجي بي وِسي تي افسوس آيو ۽ هن دنيا جي بي انصافي تي يقين اچي ويو ته ڪير ڇا به چوي هتي ڪٿي به انصاف ناهي هن سماج ۾ صرف ناانصافي ۽ ڪوڙ جو راڄ رهيو ۽ آهي.
ڪنهن به نويد شاهه کان نه پڇيو ته تو ڪيئن ڪنهن جي نياڻي کنئي؟ ڪنهن ان کي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو؟
جس هجي رنڪل جي خاندان کي جن همت ڪري انصاف لاءِ آواز اُٿاريو آهي، هاڻي انصاف يا ناانصافي جهول ۾ اچي ٿي ان جو فيصلو صرف سپريم ڪورٽ ڪندي پر هڪ فيصلو وقت به ڪندو؟ جنهن جو انتظار صدين تائين اسان کي آهي. هن دنيا ۾ عورت ئي ڪٽهڙي ۾ بيٺي ۽ بيهندي، هينئر تائين ڪنهن چيو آهي ته رنڪل سان ٿيل ناانصافي جو ڪير حساب ڏيندو؟
ڪنهن به رنڪل جي درد کي سمجهيو؟ ڪيترو نه آساني سان چئي ڏنو ته هوءَ به ڪٿي نه ڪٿي قصور وار هوندي. پر ڪنهن اهو سوچيو ته آخر رنڪل ڪهڙي بنياد تي ڪنهن جي حويلي ۾ رهي ۽ اتي ان سان ڇا ٿيو؟ سڀني رنڪل جا اهي جملا ٻڌا جيڪي رٽايا ويا، پر ڪنهن اهو نه ڏٺو ته رنڪل جي اکين ۾ درد ڇا چئي رهيو آهي؟
رنڪل کي ڏسندي مون کي شيخ اياز جا ٻول ياد آيا،
شهر مجرم سڄو، ڪنهن کي قاضي ڪجي.
veengas@dailyibrat.com
|
No comments:
Post a Comment