Pages

Labels

Thursday 29 March 2012

رينڪل ڪماري مامرو: سازش يا ٻيو ڪجهه ؟


رينڪل ڪماري مامرو: سازش يا ٻيو ڪجهه ؟

  عامر عباس سومرو
اڄڪلهه سنڌي ميڊيا تي خاص ڪري ٽن هندو نارين جو مذهب مٽائي شادي ڪرڻ جون خبرون  ڌيان جو مرڪز آهن، سول سوسائٽي، قومپرستن،  وفاق پرستن کان  وٺي هڪ عام ماڻهو به ان تي احتجاج  ڪري رهيو آهي، اڪثريت  ان کي هندو ڀائرن جي خلاف هڪ خوفناڪ  سازش  چئي رهي آهي ۽ ان جو  ذميوار هڪ مشهور پير کي قرار ڏنو پيو وڃي.
اچو ته ان هاءِ گهوڙا  جو ٿورو جائزو  وٺون،  عشق، محبت  ۽ پيار انسان جي فطرت آهي ۽ جڏهن عشق  ڪنهن کي ٿيندو آهي  ته اهو ٻولي  وطن، قوميت ۽ مذهب ناهي ڏسندو، اهو هندو جو مسلمان سان، مسلمان جو عيسائي سان ۽ عيسائي جو يهودي سان به  ٿي سگهي ٿو ۽ ائين ڪرڻ دنيا جي ڪنهن به مذهب ۾ ڏوهه ناهي، البته ڪن معاشرن ۾ اهو ڏوهه آهي خاص  ڪري اوڀر جي ملڪن  ۾جن ۾ اسان  جو ملڪ پاڪستان به اچي ٿو.
اها به هڪ حقيقت آهي ته ساڳي ٻولي ڳالهائڻ جي باوجود  هتي مذهبي تضاد شروع کان رهيو آهي، ان جو مثال ورهاڱي  کان  اڳ سکر ۾  هندو مسلم فساد، سنڌ جي هڪ مشهور گادي نشين جي پٽ جي ٿيل بي عزتي جي پلاند  ۾ هڪ نماڻي صوفي سنت ڀڳت ڪنور رام  ۽ ان جي ڀاءُ جو قتل  ۽ آئي ڏينهن پنجاب ۾ پنجابي ڳالهائيندڙ عيسائين  ۽ احمدين تي  حملا وغيره ان جو ڳالهه مظهر آهن، هڪ اهڙي معاشري ۾ جتي هم مذهب  سان پريم  ڪرڻ ڏوهه آهي جنهن جي سزا اڪثر  موت هوندي آهي، اتي غير مذهب  واري سان شادي تمام  وڏو ڏوهه ليکيو وڃي ٿو.
اسان جي سنڌ هجي ياد دنيا جو ڪوئي به خطو، اتي مذهب تي معاشري جا معاشري  تي مذهب جا گهڻا اثر پوندا آهن، دنيا جو  هر اهڙن سبقن تي حاوي  ٿي، مذهب  جا ڪيئي بهترين اصول وساري ٿو ڇڏي سنڌ ۾ هندو برادري ۾ ڏاج  ۽ ان سان گڏ  ٻيون گهڻيون فرمائشون ڪنوار جي خاندان لاءِ هڪ وڏو مسئلو آهي، جنهن ڪري تمام گهڻيون شاديون  بي جوڙ ثابت ٿين ٿيون، اهڙين بي جوڙ شادين جي ڪري هندو ناريون پنهنجي لالچي ساهرن هٿان تمام ڏکي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي گهٽ  ۽ ٻوسٽ ۾ زندگي گذارين  ٿيون، لاڙڪاڻي ۾ 0 9  جي ڏهاڪي ۾ شڪارپور جي هڪ پرڻيل ناري جو هڪ مسلمان سان پرڻو ۽ شڪارپور جي هڪ ڊاڪٽر جي گهر واري جنهن کي باهه  ڏئي ساڙيو ويو، ان جا مثال آهن هندستان ۾  بالي ووڊ هيرو شاهه رخ جي زال گوري  ۽ هندو رتڪ روشن جي زال مسلمان آهي پر اتي ان کي سازش بجاءِ مذهبي رواداري جو نالو ڏنو ويندو آهي.
سنڌ ۾  هندو برادري جي اڪثريت واپار ڪندر آهي ۽ واپاري ڪڏهن هٿ ۾ هٿيار ناهي کڻندو، تنهن ڪري هو معاشري جي ڪنهن ڏاڍ جو مقابلو ٻين برادرين جي مقابلي ۾ گهڻي شدت سان ناهي ڪري سگهندو، هندو برادري سان به هڪ ته اهو وڏو مسئلو آهي ٻيو ته انهن جا چونڊيل نمائندا اسيمبلين ۾ بت بڻيا ويٺا  هوندا آهن، اڪثر نمائندن جو اسيمبلين ۾ پهچڻ جو مقصد شراب جي گتي جي پرمٽ يا ڪو اهڙو فائدو حاصل ڪرڻ هوندو آهي، جو هو سموري عمر ويٺو کائي ڪراچي جي ڪچي آبادي  حاجي ڪئمپ ۾ 5 2  روپئي جي پرچي تي مريض جي ڏسندڙ ڊاڪٽر رميش ڪمار ان جو هڪ سٺو مثال آهي، جيڪو اڄ روليڪس واچ پائي پراڊو گاڏي ۾ گهمندو نظر اڇي ٿو، رميش ڪمار سوڌو ڪنهن به هندو ايم پي اي يا ايم اين اي اڄ تائين ڪو اهڙو ٺهراءَ پيش نه ڪيو، جنهن سان  خاص ڪري هندو برادري جي مضبوط ٿئي ۽ اڪثريت جي برابر حق حاصل ڪري سگهي.
افسوس اهو به آهي ته جتي سنڌي ۾ ڪيئي اخبارون ۽ چئنل نڪتا جن ڪنهن حد تائين سنڌي قوم جو شعور وڌايو، اتي  ان سنڌي قوم کي ڪيئي ذهني اذيتون  ۽ بيماريون به ڏنيون، شل نه ڪنهن گهر جي نياڻي گهر  ڇڏي پنهنجي مرضي سان شادي لاءِ نڪري،  بس پوءِ ايتري قيامت ان جي گهر ۾ ناهي ايندي جيتري ميڊيا تي ايندي آهي، جيڪا خبر هڪ  گهر محلي ۽ شهر تائين محدود هوندي آهي اها خبر ملڪ  جي چپي چپي تي پکيڙي چيو ويندو آهي ته فلاڻي جي ڌيءَ  پنهنجي پريمي سان ڀڄي وئي، اتي وري اسان جا قومپرست به وارو وڄائن ٿا، جيڪي جيڪڏهن معاملو هندو مسلمان جو هجي ته پوءِ واويلا ڪندا آهن ته اها هندن خلاف سازش آهي پوئتي وري اين جي اوز به نٿيون رهن ۽ پنهنجو دڪان هلائڻ لاءِ اهي به ان احتجاج ۾ شامل ٿين ٿيون، هڪ پاسي هو گهرن مان ڀڳل پريمين جي حمايت ٿا ڪن جيئن شائسته عالماڻي جو ڪيس آهي ته وري ٻئي طرف مذهبي تض:اد ڪارڻ ان ساڳئي فعل جي مخالفت ٿا ڪن.
هن سموري  قصي ۾ هڪ ڪردار گادي وارن پيرن جو ۽ ٻيو ڪنهن مدرسي جي عالم سڳوري  جو به هوندو آهي، سنڌ ۾ هينئر زنده ولي الله نه هجڻ جي برابر آهن، انهن ۾ جيڪي نيڪ انسان گذريا آهن، تن جو اولاد به ولي الله سڏائي ٿو پر اڄ انهن جي اڪثريت ولي الله  ته ڇا نيڪ ماڻهن جي تعريف ۾ به نٿي اچي هو پنهنجي وڏن جي نالي گاديون قائم رکندا سادو مزاج مريدن جي پئسي ۽ نذر نياز تي عيش ڪندا آهن، انهن جا اهڙا ڪڌا ڪرتوت سندن پوئلڳ به ڏسن ٿا پر  هو به ويچارا وڏن جي بزرگن کي ساڳيو مان ڏيندا ٿا رهن اهي گادي نشين تڪراري  نيڪين جي ڊوڙ ۾ هميشه توهان کي اڳتي نظر ايندا، خاص ڪري جڏهن ڪا هندو ناري مسلمان ٿي ڪنهن سان شادي ڪري پوءِ ان نيڪ ڪم جو ڪريڊٽ کڻڻ ۾ هي پير سڀ کان اڳتي هوندا ته جيئن اهو تاثر عام ٿئي ته هو اسلام جي حفاظت ٿا ڪن، انهن پير سڳورن کان پوءِ اچن   ٿا نام نهاد عالمي هي عالم جيڪي پاڻ کي شيخ العماءَ کان وٺي  علامه تائين سڏائين ٿا، اهو ٻڌائڻ بنا ته آخر علم جي ڪهڙي سمنڊ ۾ هنن ٽٻيون کاڌيون آهن ۽ آخر انهن جي مدرسي ۾ تنگ نظر ۽ اڻ سهپ واري ڪلچر جي باوجود انهن مدرسن جي اڪثريت جي ٻاهران بحر العلوم ڇو ٿو لکيو وڃي سي ملان به اهڙين واقعن بعد منظر تي اچي نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ اڳڀرا هوندا آهن.
حقيقت  ۾ پيءُ ماءُ جي عزت جو لحاظ  نه رکندي گهران ڀڄي شادي ڪرڻ وارو جوڙو هجي يا انهن جو نڪاح ڪرائيندڙ يا  ناري کي مسلمان ڪندڙن ملان يا پير هجي اهڙن واقعن تي اخبارن جون سرخيون بڻجندڙ سياسي يا غير سياسي ڌريون هجن اهي تمام حرڪت ۾ اچي ويندا  آهن پر انهن جو پاڻ ۾ ڪو به جوڙ يا ٻڌي ناهي هوندي  نه ئي ڪو واسطو بلڪه  ائين چئجي ته ٻن نوجوانن جي ناداني کي ڪيش ڪرائڻ لاءِ گهڻائي گروپ ميدان ۾ سستي شهرت لاءِ لهي پوندا آهن، انهن سڀني جو اهو چوڻ ته اها هندو برادري جي خلاف سازش قطعي طور صحيح ناهي بلڪه هڪ غير حقيقي تجويز ۽ لاشعوري طور هندو برادري کي ڊيڄارڻ جي برابر آهي، اهڙا واقعا ڪڏهن به ڪٿي به سگهن ٿا، پر انهن کي وڌائي  چڙهائي ۽ انهن کي خوفناڪ لفظن جو لباس پهرائي هندو براري ۾ خوف ۽ بيچيني پکيڙڻ جي برابر آهي، بلڪه هڪ زيادتي آهي تنهن ڪري  انهن کي کپي ته اهڙن واقعن جو فائدو وٺڻ بجاءِ انهن سببن جو خاتمو ڪرڻ لاءِ سوچين جن جي ڪري اهڙا واقعا ٿين ٿا، معاشري جي مسئلن کي معاشرو ئي حل ڪندو آهي تنهن ڪري سماج  سڌارڪ ۽ عوام دوست ماڻهو اڳتي اچي اهڙن مسئلن  کي حل ڪن ۽ ميڊيا، مذهبي ٺيڪيدارن، سياستدانن ۽ اين جي اوز هٿان تماشو بڻيل ڪٽنبن کي اذيتن کان نجاب ڏيارين.


.

courtecy - Daily Sindh

No comments:

Post a Comment