Pages

Labels

Tuesday, 13 March 2012

Rinkle Kumari vs Pakistani state

Rinkle Kumari vs Pakistani state

My Opinions – Zafar



ڪراچي ۾ رينڪل ڪماريءَ کان ڪرايل پريس ڪانفرنس ۾ کانئس چورايو ويو ته هن اسلام سان محبت سبب پنهنجو مذهب تبديل ڪيو آهي ۽ هوءَ قرآن جي سوره اخلاص کان گهڻي متاثر ٿي آهي. جڏهن رينڪل کان سوره اخلاص جو ترجمو پڇيو ويو ته هوءَ منجهي پئي، تڏهن هڪ ڀرچونڊي مُلي پريس ڪانفرنس ختم ڪرائي هن کي ٻانهن کان وٺي وڃڻ لڳو ته صحافين سوال ڪيس ته تون رينڪل لاءِ نامحرم آهين سندس ٻانهن ۾ ڪيئن ٿو هٿ وجهين، جواب مليو هيءَ منهنجي روحاني ڀيڻ آهي. ان ڪانفرنس کان اڳ هڪ ڀيري هن کان اهو بيان به ڏياريو ويو ته مان نويد شاه کي سڃاڻندي به ڪان هيس پر اسلام قبولڻ کان پوءِ مون لاءِ اڪيلو رهڻ مشڪل هو. اهڙي طرح وڌيڪ پراڻين خبرن ۾ رينڪل ذريعي اهو چيو ويو ته هن پيار جو پرڻو ڪيو آهي. نويد شاه سان پيار هجڻ ڪري گهران نڪري پنهنجي مرضيءَ سان پرڻو ڪيائين. ان وقت اهڙا اخباري بيان به سامهون آيا جن ۾ چيل هو ته نويد کي هٿڪڙيون پاتل ڏسي رينڪل ڪماري اهو ڏک نه سهندي روئي پئي هئي، يا اهو ته ڀريءَ عدالت ۾ جج اڳيان رينڪل پنهنجي مائٽن وٽ وڃڻ گهريو پئي ته ميان مٺو کيس چپاٽ وهائي ڪڍي. اصل ۾ اهو سمورو ڊرامو جيڪو رچايو ويو ان جو هدايتڪار ميان مٺو ئي نظر اچي ٿو، سندس ڊائريڪشن ۾ جيڪا عقلمندي هن صاحب ظاهر ڪئي آهي هاڻي اهائي عقلمندي سندس ڳچيءَ ۾ اچي فِٽ ٿي آهي. يعني پهريان کان موجود سمورين خبرن کي هڪٻئي سان ملائي مشاهدو ڪندا ته ظاهر ٿيندو رينڪل ڪماريءَ جو اسلام يا نويد شاه سو ڪو واسطو ئي نه هو. هي ته سڌو سنئون اغوا جو معاملو هو. نويد شاه يا سندس دوست رينڪل ڪماريءَ کي گهران ان وقت اغوا ڪري ويا جڏهن گهر ۾ ڪو مَرد ماڻهو موجود ڪون هو. هاڻي جڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ معاملي کي حساس نوعيت جو قرار ڏيندي رينڪل ڪماريءَ کي سندس دعويدار مڙس ۽ ڀرچونڊي پيرن وٽان ڇڏائي دارالامان حوالي ڪري ڇڏيو آهي ته ٻئي طرف کيس مائٽن سان به نه پيو ملايو وڃي. ٿي سگهي ٿو ته قانون کي بهانو بنائيندي اها گنجائش نڪرندي هجي، ڇاڪاڻ ته رينڪل کان اهو بيان ڏياريو پئي ويو آهي ته مون کي پنهنجي مامي کان خطرو آهي. جيڪڏهن خطرو مامي کان آهي ته رينڪل کي هن دنيا ۾ جنم ڏيندڙ ماءُ کي ته ساڻس ملڻ ڏنو وڃي ها پر اهڙو ڪجه به اڃا تائين نه ٿي سگهيو آهي.
اسلام ۾ زوري مذهب تبديل ڪرائي ڪنهن به انسان کي مسلمان نٿو ڪري سگهجي. قرآن توڙي رسول پاڪ جي زندگيءَ مان ڪٿان به اهڙي ڳاله سامهون نٿي اچي ته ڪنهن مجبور انسان کي دٻاءَ ۽ ڏهڪاءَ ۾ آڻي مذهب تبديل ڪرائي مسلمان ڪجي. سنڌ جي ارڏي ڪردار امر جليل چيو آهي ته جڏهن رسول پاڪ وٽ ڪو ماڻهو پنهنجي مرضيءَ سان مسلمان ٿيڻ ايندو هو ته نبي سائين کيس چوندو هو ته تڪڙ نه ڪري ڀلي ڪجه ڏينهن سوچي اسلام کي وڌيڪ سمجهي وٺي پوءِ اهڙو فيصلو ڪريِ. رسول پاڪ جڏهن ڪنهن غيرمسلم کي ڪلمو پڙهائي مسلمان ڪيو ته ٻه ٽي کارڪون ورهائي ڇڏيائين ۽ بس، ڪڏهن به ائين ڪون ٿيو ته اتي موجود ڪنهن ماڻهو تلوار (ان دور جي ڪلاشنڪوف) ڪڍي هجي ۽ فتح جا شادمانا ملهائيندي ”الله اڪبر“ جا نعرا هنيا هجن. ٻئي طرف اسلامي اسڪالر جاويد احمد غامدي چوي ٿو اسلام جو مطلب آهي ئي ”سلامتي“ تنهنڪري دين ۾ زور زبردستي ۽ جبر جو تصور ئي ناهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪو مسلمان ٿئي ٿو ته ان کان پڇڻو پوندو ته اُهو اسلام جي ڪهڙي ڳاله کان متاثر ٿيو آهي. ڇا کيس توحيد متاثر ڪيو آهي يا رسول پاڪ جي زندگيءَ کان متاثر ٿيو آهي. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو دٻاءَ تحت مسلمان هجڻ جو اقرار ڪيو آهي ته ان جي ڪابه ديني حيثيت ڪانهي پر اهو صرف ظاهري نوعيت جو اقرار آهي. مختلف حلقن وٽان اهو سوال به بار بار پئي اٿيو آهي ته آخر نوجوان هندو ڇوڪريون ئي ڇو ٿيون مسلمان ٿين ۽ مَرد هندو توڙي پوڙهيون عورتون مسلمان ڇو نه ٿيون ٿين. يعني اڄ تائين جي تاريخ ۾ ڪوبه هندو مَرد مسلمان ڇو نه ٿيو آهي. تنهن ڪري رينڪل معاملي تي ان حوالي سان ساڳيو سوال پڻ گهڻو اهم آهي.

پاڪستان اها رياست آهي جيڪا ابن قاسم، غزنوي ۽ تغلق کي سورمو سمجهي ٿي. سمورن صوبن تي مڙهيل نصابن ۾ ابن قاسم اسلام جو فاتح ڪري ظاهر ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن رياست جو رويو اهو آهي ته پوءِ ابن قاسم جي رستي تي هلندڙ رياست جي نظر ۾ ڪيئن ٿو گنهگار ٿي سگهي! هاڻ اها ڳاله تقريبن ثبوت تائين پهچي چڪي آهي ته رينڪل مذهب تبديل ڪرڻ لاءِ ڀرچونڊي پيرن وٽ ڪان وئي پر هن کي اغوا ڪيو ويو. پاڪستاني رياست جي سورمن جيان ڀرچونڊين به ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ پکيڙي هڪ معصوم هندو نينگريءَ کي زوري مسلمان ڪيو آهي. جهڙي طرح پاڪستاني رياست ماضيءَ ۾ مجاهد پيدا ڪري انهن کي افغانستان، ڪشمير ۽ ايران ۾ دهشتگرديءَ لاءِ موڪليندي رهي آهي، تيئن اها بلوچستان معاملي کي عالمي ليول تي اڀرندو ڏسي پنهنجي نظرياتي هٿيارن يعني ڀرچونڊي جهڙن پيرن ۽ مذهبي انتهاپسندن کي هٿي ڏياري بلوچستان توڙي سنڌ ۾ وڌندڙ قومي شعور کي چٿڻ لاءِ اسلام کي بلڪل ائين استعمال ڪري پئي جيئن بنگالين جي قتل عام وقت ڪيو ويو. ڪجه ماڻهو خوش فهمي ۾ آهن ته رينڪل ڪماريءَ کي ڀرچونڊي پيرن کان جدا ڪري مٿس موجود ڏهڪاءَ کي گهٽايو ويو آهي. سوال اهو آهي ته ڇا ڀرچونڊي پير رياست کان ڏاڍو آهي جو هن کي اڃا تائين ڪنهن به ڪورٽ براه راست ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جي پرچار تي ڪنهن قانوني قلم ذريعي جوابدار نه ٺهرايو يا اصل حقيقت اها آهي ته رياست اڃا تائين ڀرچونڊي نظريي جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي. تنهن ڪري ڀلي رينڪل ڪماري انهن پيرن کان پري ٿي وئي هجي پر هوءَ اڃا تائين رياست جي مذهبي انتهاپسند سوچ جي چنبي ۾ ڦاٿل آهي. سمجهڻ گهرجي ته رينڪل ڪماريءَ کي ڪنهن به صورت ۾ هاڻ پنهنجي مذهب طرف موٽ کائڻ نه ڏيندا. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ائين ڪيائون ته پوءِ ڀرچونڊي پيرن کي به عدالت جي ڪٽهڙي ۾ گنهگارن جيان اچي بيهڻو پوندو. هن وقت تائين رينڪل کان مرضيءَ جا بيان ڏياريا ويا آهن ته سپريم ڪورٽ ۾ به اهوئي ڪجه ٿيندو. پر ڏسڻو اهو پوندو ته ان سموري عرصي دوران ۽ سپريم ڪورٽ جي ٻڌڻي وقت بقول جاويد احمد غامدي اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته آخر مسلمان ٿيڻ واري کي اسلام جي ڪهڙي ڳاله متاثر ڪيو جو هن پنهنجي اباڻي مذهب تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. تنهن ڪري رينڪل ڪماري رياست جي چنبن ۾ ڦاٿل هجڻ باوجود هڪ معصوم انسان آهي جنهن جي دماغ ۾ سمورو اسلام ڪجه ڏهاڙن اندر برين واش ذريعي نٿو ويهاري سگهجي. يعني اهو طئي آهي ته رياست ڪنهن به جڳاڙ ذريعي رينڪل ڪماريءَ کي مسلمان جو ٺپو هڻي ظاهر ڪندي. هاڻ اهو ٽيسٽ ڪيس رينڪل ڪماري بمقابله پاڪستاني رياست بڻجي چڪو آهي!
!
 courtecy - sindhi Xafar

No comments:

Post a Comment