رينڪل ڪيس: عجب ڏياريندڙ انصاف ۽ آزادي
اصغر خانوٺي
رنڪل ڪماري جي ماءُ سلڇڻي ٻائي سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار ۽ آفيس ٻاهران ائين پار ڪڍي روئي رهي هئي جيئن ڪو پنهنجي پياري جي وڇڙي وڃڻ تي روئي رهيو هجي، سلڇڻي ٻائي کي منٿون ۽ ايلاز ڪرڻ جي باوجود کيس پنهنجي ڌيءَ سان ملڻ نه ڏنو ويو، حالانڪ پاڪستان جو ڪو به قانون ڪنهن ماءُ کي پنهنجي ڌيءَ سان ملڻ کي روڪي نه ٿو سگهي، هندو نارين جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي جيڪا ڪارروائي ٿي ان ڪافي ماڻهن کي حيرت ۾ وڌو، ان تي ته پوءِ ٿا ڳالهايون، پر پهرئين عدالت جي ڪمري ۾ ۽ ان کان ٻاهر جيڪا صورتحال هئي ان تي ٿا ڳالهايون. هندو نارين جو ڪيس چوٿين نمبر تي رکيل هو، پر عدالت جي ڪمري نمبر هڪ ۾ صبح کان رنڪل، لتا ۽ آشا جا مٽ مائٽ، سول سوسائٽي ۽ چونڊيل نمائندا پهچي ويا، تقريبن 4 ڪلاڪن جي انتظار کانپوءِ ڪيس شروع ٿيو، اڃا ٻيا ڪيس هلي رهيا هئا ته آشا عدالت جي ڪمري ۾ داخل ٿي ته سڀني جو ڌيان اوڏانهن ٿي ويو ۽ پهرئين ته سندس چهري تي نقاب هو، پر پوءِ هن چهري تان نقاب هٽائي ڇڏيو، وقفي دوران سندس امڙ ۽ ڀاءُ ساڻس ملاقات ڪئي، پر آشا جي آسپاس اسپيشل برانچ سميت پوليس جا اهلڪار ائين ته بيٺا هئا ڄڻ ڪنهن خطري واري زون ۾ موجود هجون، حالانڪ عدالت جو ڪمرو نمبر هڪ محفوظ ترين آهي، ڇاڪاڻ ته اتي پهچڻ لاءِ 3 کان چئن حفاظتي مرحلن مان گذري اچڻو پوي ٿو، تنهن ڪري اتي اهڙي حالت سمجهه کان مٿي هئي. هن ملڪ جو قانون هر شهري کي آزادي سان رهڻ، گهمڻ جو چئي ٿو، پر عملي طور ڏٺو وڃي ته اهو تمام گهٽ آهي، هتي هر قدم تي مذهب، سماج، تحفظ ۽ خبر ناهي ڪهڙي ڪهڙي نالي جا زنجير پيرن ۾ ٻڌل هجن ٿا جو انسان هميشه انهن ۾ جڪڙيل هجي ٿو. هندو نارين واري ڪيس جي ملڪ جي اعليٰ ترين عدالت ۾ ڪارروائي ڏسي ائين لڳو ته هاڻي هن ملڪ ۾ آزادي جي به نئين سري سان تشريح ٿيڻ گهرجي ته اها ڪيئن هجي ٿي ۽ ان جي ڪهڙي معنيٰ هوندي آهي؟ ڇا اها آزادي آهي جو هڪ نوجوان ناري سخت پوليس جي پهري ۾ اچي ۽ ان جي موجودگي ۾ بيان ڏي جتي نه سندس ماءُ هجي ۽ نه ڪو ٻيو مٽ مائٽ هجي، انسان جو عام عقل به اتي ڪم ڪرڻ ڇڏي ٿو ڏي ته اهو ڪهڙي قسم جو انصاف آهي. عدالت ۾ جيئن ئي وري رنڪل ۽ ڊاڪٽر لتا به آيون ته ٻنهي جا هٿ ليڊي پوليس اهلڪارن جي هٿ ۾ هئا ۽ کين ڪنهن به قسم جي چرپر جي اجازت نه هئي، عام طور تي قيدين سان به اهڙو ورتاءُ عدالت ۾ ڏسڻ ۾ نه ملندو آهي، پر هن ڪيس ۾ مذهب، سماج ۽ خبر ناهي ڪهڙيون تاويلون پيش ڪري سڀني جي دلين ۾ خوف ۽ وحشت ويهاري وئي ۽ عدالت ۾ اسان محسوس ڪري رهيا هئاسين ته هن اعليٰ عدالت جي روسٽرم تي ٽنهي نياڻين کي آزادي سان ڳالهائڻ جي اجازت ملندي، پر آشا کي ته ڳالهائڻ ڏنو ويو ۽ ان جي بيان کي به رڪارڊ جو حصو نه بنايو ويو ۽ آشا جي ان بيان تي ڪنهن کي حيرت به نه ٿي، ڇاڪاڻ ته هن گذريل ٻڌڻي تي به اهڙو بيان ڏنو هو، پر سڀني کي انتظار هو رنڪل ڪماري جي بيان جو، ڇاڪاڻ ته هن گذريل ٻڌڻي تي پنهنجي ماءُ سان گڏ رهڻ جو بيان ڏنو هو، تنهن ڪري هر ڪنهن کي ان جي بيان جو شدت سان انتظار هو، پر عدالت ان وقت هر ڪنهن کي مايوس ڪيو جو ان جو بيان وٺڻ جي بجاءِ انهن کي پوليس جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو. سپريم ڪورٽ جي اهڙي فيصلي تي هر ڪنهن جي ذهن ۾ ڪيترائي سوال اٿيا ۽ اڃا تائين موجود آهن، پر انهن سوالن جا جواب هاڻي اسان کي خود تلاش ڪرڻا پوندا، پهرئين ته عدالت نارين جي عدالت ۾ موجودگي باوجود کين بيان ڏيڻ جي اجازت ڇو نه ڏني؟ ۽ رنڪل پاران جيڪو لکيل ڪاغذ جو ٽڪرو چيف جسٽس کي ڏنو ويو ته اهو به کليل عدالت ۾ ڇو نه پڙهيو ويو ۽ ان ڪيس کي تفصيل سان ڇو نه ٻڌو ويو؟ ڇاڪاڻ ته اهو ڪيس صرف ٽن نارين جي شادي ڪرڻ جو ناهي؟
ڏٺو وڃي ته سنڌ جي سماج ۾ اهڙن واقعن جا تمام ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن ۽ مذهب کي استعمال ڪري ڇا ڇا نه پيو ڪيو وڃي ۽ سپريم ڪورٽ جي اهڙي فيصلي سان نه صرف انهن جي همت ۾ اضافو ايندو، پر هاڻي سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ هندو وڌيڪ عدم تحفظ جو شڪار بڻجي ويندا. ڇا اها حقيقت ناهي ته سنڌ ۾ قرض ڦٻائڻ ۽ ڪنهن جي عورت سان زبردستي شادي ڪرڻ کانپوءِ مذهب جو نالو استعمال ڪري اقليتن کي نه ٿو دٻايو وڃي؟ منهنجو خيال آهي ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ چاهي ها ته هن ڪيس کي مثال بنائي سنڌ اندر اقليتن سان مذهب جي نالي تي ٿيندڙ زيادتين جي روڪٿام لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪري پئي سگهي پر افسوس جو عدالت اهو تاريخي ڪم ڪرڻ کان محروم ٿي وئي ۽ سنڌ جي سماج اندر جيڪا اٿل پٿل ٿيندي ان ۾ سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي جو به وڏو اثر هوندو، هن ڪيس جو ٻيو افسوس جوڳو پهلو اهو به آهي ته اهو کڻي تسليم ڪيون ٿا ته آشا مرضي سان شادي ڪئي پر ان ڪيس جا اهي رخ آهن ته آشا جي مائٽن کان ان کي ڀنگ عيوض واپس ڪرائڻ جي نالي تي مقامي پوليس لکين روپيه ڀنگ ورتو ۽ خبر ناهي ڇو عدالت انهن سمورن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو، مون کي ته حيرت آهي سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ ۾ شامل هڪ سنڌي جج تي ته جنهن وقت آشا جي مائٽن جو وڪيل شبير شر عدالت ۾ آشا جا اهي فوٽو پيش ڪيا، جيڪي بلوچستان جي جابلو علائقن جا هئا، جن ۾ آشا اتي موجود آهي ۽ مائٽن کي اهي تصويرون ڏيکاري پئسا ورتا ويا. سوال آهي ته جيڪڏهن اهو سادو ڪيس شادي جو آهي ته پوءِ ان جي مائٽن سان اهڙو سلوڪ ڇو ڪيو ويو. ٺيڪ آهي ان کي کڻي مڃون ٿا ته آشا پسند جو پرڻو ڪيو، سنڌ جو هر ترقي پسند شهري پسند جي شادي ڪرڻ جي خلاف ڪڏهن به نه رهيو آهي، پر سوال آهي ته آشا واري ڪيس ۾ اهڙيون ڪيتريون ڳالهيون آهن، جن جي جاچ ٿيڻ گهرجي ها، هڪ الزام اهو به آهي ته آشا کي ان کان اڳ چئن ماڻهن کي وڪرو ڪيو ويو ۽ هن وقت جنهن وٽ آهي اهو پنجو مڙس آهي، سوال آهي ته عدالت ان ڪيس کي صحيح نموني سان ٻڌي ها ته ڪافي ڳالهيون صاف ۽ چٽيون ٿي سامهون اچن ها، پر سموريون ڳالهيون ائين ته دٻجي ويون جو اصل حقيقت جي اڃا تائين ڪا خبر ناهي، جڏهن ته رنڪل ڪماري واري ڪيس بابت به اهڙيون کوڙ ساريون ڳالهيون آهن، جيڪي صاف ٿيڻ گهرجن ها. ميرپور ماٿيلو جي عدالت ۾ هٿياربند ماڻهن جو اچڻ ۽ مقامي عدالت جي جج کي هيسائڻ بابت آيل خبرون به ڪنهن کان ڳجهيون ناهن ۽ ان کان وڏي ڳالهه ته سپريم ڪورٽ جي گذريل ٻڌڻي ۾ رنڪل ڪماري پاران ڪراچي دارالامان وڃڻ کان انڪار ڪرڻ ۽ ماءُ سان گڏ رهڻ لاءِ ڏنل بيان جي باوجود ان جي ان بيان کي رد ڪرڻ ۽ 18 اپريل واري ٻڌڻي تي وري کانئس کليل عدالت ۾ بيان نه وٺڻ تي به ڪيترائي سوال اٿن ٿا، رنڪل جي ڪيس ۾ سڀ کان وڏو پهلو اهو به آهي ته قومي اسيمبلي جي انساني حقن بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي ان حوالي سان 2 فيصلا ڏنا پر عدالت انهن کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو، هڪ ته ان ڪميٽي اهو فيصلو ڏنو هو ته جيئن ته ڪيس جي ٻڌڻي اسلام آباد ۾ آهي، تنهن ڪري نارين کي ڪراچي کان اسلام آباد جي شيلٽر هوم ۾ منتقل ڪيو وڃي، پر ان فيصلي تي عمل نه ڪيو ويو ۽ ان کانپوءِ ان ڪميٽي اهو به فيصلو ڏنو ته ڪميٽي جون چار ميمبر عورتون ڪراچي دارالامان ۾ وڃي نارين سان ملاقات ڪنديون ۽ سندن بيان وٺنديون، پر عدالت انهن جو اهو فيصلو به نه مڃيو، سوال آهي ته جيڪڏهن رنڪل خود ڪراچي دارالامان ۾ رهڻ نه ٿي چاهيو ۽ اسلام آباد ۾ کيس تحفظ ملي رهيو هو ته پوءِ کيس ڪراچي ڇو موڪليو ويو؟ ۽ پارليامينٽ جي عورت ميمبرن کي نارين سان ملاقات جي اجازت ڇو نه ڏني وئي؟ جڏهن ته مون کي عدالتي ڪمري ۾ رنڪل ڪماري جا اهي لفظ به ياد آهن ته هن پوليس عملدارن ڏانهن مخاطب ٿيندي چيو هو ته ”ڪراچي جي دارالامان ۾ رهڻ ڪيترو مشڪل آهي، ان جو اوهان کي پتو ناهي، اوهان اتي صرف هڪ رات گذاري ڏسو ته اوهان کي خبر پئجي ويندي“ ۽ ان وقت خود چيف جسٽس به موجود هو ۽ جڏهن اسان کي ذريعن ٻڌايو ته ڪراچي دارالامان جو عملو رنڪل سان ڪجهه غير واسطيدارن کي ملاقاتون ڪرائڻ ۾ ملوث آهي ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود به اهي ملاقاتون ٿينديون رهيون، پر عدالت ڪنهن به رخ جو نه ته جائزو ورتو ۽ نه ڪيس کي تفصيل سان ٻڌو ويو ۽ نارين کي پوليس جي رحم ڪرم تي آزادي سان رهڻ جي اجازت ڏني وئي، ان آزادي جو ڀانڊو ته عدالت جي ڪمري کان ٻاهر ان وقت ئي ڦاٽي ويو جو مائرون ۽ مٽ مائٽ دانهون ۽ ڪوڪون ڪندا رهيا، پر نارين سان ڪنهن کي به ملڻ جي اجازت نه ڏني وئي ۽ اهڙي عمل کانپوءِ منهنجي ذهن ۾ آزادي جي تشريح به منجهي وئي آهي ۽ لڳي ٿو ته ان انساني آزادي لاءِ اڃا ڊگهي جدوجهد جي ضرورت آهي.
No comments:
Post a Comment