Tears for Justice..!
My lord! Let me go..!
ديو مالائي رنڪل ڪماري! مان دارالامان نه وينديس..!
My lord! Let me go..!
ديو مالائي رنڪل ڪماري! مان دارالامان نه وينديس..!
وينگس
--------------------------------------------
ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته سڀاڻي ڇا ٿيڻو آهي؟ جيڪو ڪجهه ٿيندو هاڻي ئي ٿيڻو آهي جڏهن ته ائين ناهي معاملا سڀاڻي تي به ڇڏيا ويندا آهن، اهڙو ئي ڪجهه 26 مارچ تي سپريم ڪورٽ ڪيو، جڏهن 26 مارچ جو بيصبري سان انتظار ڪندڙ سنڌ جنهن کي حصي ۾ سدائين ناانصافيون ۽ ڊگهي خوني تاريخ مليل آهي ان وقت سنڌ پنهنجي دل تي هٿ رکي اندر ۾ اُٿندڙ طوفانن کي سمجهائيندي رهي، اي دل نه کاءُ دوکو، جهٽ صبر ڪر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ پاڻ ماءِ لارڊ ڏانهن پير کڻنداسين، هي اهو ئي ماءِ لارڊ آهي جنهن جرڳي تي نوٽيس وٺندي ان وقت جي وڏيرن کي پريشان ڪري ڇڏيو پوءِ هو اسان مسڪينن جي درد تي مرهم ڪيئن نه رکندو؟ پر اندر ۾ اُٿندڙ طوفان جهڪاء نه ٿيا ان وقت هر شيءِ سانت ۾ ٿي وئي جڏهن ماءِ لارڊ اعلان ڪندي چيو ته هن ڪٽهڙي ۾ بيٺل کي نه آزاد ڪنداسين نه ئي قيد ڪبو، پوءِ توهان هن سان ڇا ٿا ڪرڻ چاهيون؟ ماءِ لارڊ جواب ڏنو ته ڪيس ۾ هينئر به منجهارا آهن.
وڪيل ڪٽهڙي ۾ بيٺل جي ماءُ آڏو هٿ ٻڌي چيو جڏهن سڀ ڪجهه نظر ايندي به ماءِ لارڊ کي ڪيس ۾ منجهارا نظر اچن ته پوءِ پاڻ وٽ ڪجهه به نه بچي، وڪيل جي اکين ۾ ڳوڙها اچي وڃن ٿا، ماءُ دل تي هٿ رکي چيو، اي دل تون سانت ڇو آهين؟ ڌڙڪ جيڏو چاهين تيزي سان ڌڙڪ پر دل هن ڀيري سانت ئي رهي.
ڇا رنڪل جي ماءُ سلڇڻي ٻائي به پنهنجي دل تي هٿ رکي ائين ئي چيو هوندو؟
هر سنڌيءَ جون اکيون سپريم ڪورٽ تي هنيو ته هيل رنڪل جي حصي ۾ ڇا ٿو اچي؟ ڇا هن ڀيري به رنڪل کي ميرپور ماٿيلو جي عدالت ۾ لڳل چماٽ جيان چماٽ هنئي ويندي.
يقينن رنڪل کي ماءِ لارڊ جي عاليشان ڪورٽ ۾ چماٽ نه لڳي، پر هوءَ ميرپور ماٿيلو جيان ئي التجاء ڪندي رهجي وئي، هن ڪيتري نه درد ڀري آواز ۾ چيف جسٽس آڏو چيو ته دارالامان ۾ هڪ رات رهي ڏسو اتي ڪهڙي حالت آهي، پر پوليس اهلڪار هن کي زوريءَ ڇڪيندا رهيا، رنڪل معصوم ٻارڙي جيان ماءُ لاءِ التجاء ڪندي رهي پر ماءِ لارڊ نه ماءُ جي صدا ٻڌي ۽ نه نينگريءَ جي، ۽ خاموشي سان ان کي ڏسندو رهيو.
انصاف جي ديوي انڌي ٿيندي آهي، اهو ٻڌو هو پر چيف جسٽس صاحب آڏو رڙيون ڪندڙ رنڪل جي خاموش ڏسندي يقينن ٿي ويو ته ها! انصاف جي ديوي انڌي ٿيندي آهي.
رنڪل ڪماري سان هاڻي اڳتي ڇا ٿيندو؟ هن سان هينئر تائين ڇا ٿيو جو اڳتي لاءِ بهتر اُميد رکون؟ رنڪل ڪماري جي زندگي جو هر هڪ پاسو درد ۾ ٻڏل آهي هن جي لاءِ ڪجهه به نه بچيو آهي صرف هن جي ماءُ جي جهولي آهي جنهن ۾ هوءَ دل کولي روئي سگهي.
پر اسان جي پياري رياست جي انصاف پسند رکوالن رنڪل سان ڇا ڪيو؟ هن کي مهذب شهري هجڻ وارا حق نه ڏئي سگهياسين، تحفظ ڏيڻ پري جي ڳالهه هن کي آٿت به نه ڏني وئي، هاڻي جڏهن هوءَ پنهنجي ماءُ جي جهولي لاءِ هٿ ٻڌي التجاء ڪري ٿي ان جي باوجود به اڻٻڌو ڪيو ويو.
هي اها ئي چيف جسٽس جي عدالت آهي جنهن ۾ وحيده شاهه کي سزا ٻڌائي وئي ان وقت ڪيس ۾ منجهارو نظر ڇو نه آيو؟ جڏهن رنڪل ڪماري جو ڪيس کليل آهي ۽ هن کي جن اغواه ڪيو انهن جي پاسي جي پڻ سڀني کي خبر آهي ته اهي ڪيئن آهن؟
رنڪل ڪماري سان 24 فيبروري کان وٺي 26 مارچ تائين ڇا ٿيندو رهيو آهي؟ ان باوجود به چيف آف جسٽس رنڪل ڪماري کي ماءُ جي حوالي نه ڪيو. هي ڪهڙو ملڪ آهي جتي بيگناهه کي عذاب ڀوڳڻا پئجي وڃن ٿا، هن سڀ ڪجهه کي ڪهڙو نانءُ ڏجي جتي مظلوم ئي سزا ڀوڳيندو رهي؟
چيف جسٽس صاحب کان سنڌ جا اصل ڌرتي ڌڻي سوال ڪرڻ گهرن ٿا ته جيڪڏهن ڪنهن جي گهر مان نياڻي اغوا ٿئي ۽ ان کي بندوق جي زور تي مذهب مٽائي بيان ڏياريا وڃن ته پوءِ ڇا ان کي درست شادي قرار ڏنو ويندو؟ جنهن سان ڏاڍ ٿيو هجي ان کي عدالت ڪٿي بيهاريندي؟
ايترو ئي نه پر جڏهن عدالت ۾ مظلوم رڙيون ڪندي چئي ته توهان هڪ رات دارالامان ۾ رهي ڏسو اتي ڪهڙي حالت آهي؟
ان جو مطلب هو پاڻ کي اتي غير محفوظ سمجهي پئي. ان وقت تحفظ ڏيڻ عدالت جو ڪم هو پوءِ تحفظ ڇو نه ڏنو ويو؟ ڇا لاءِ ان راهه تي موڪليو ويو جڏهن رنڪل پاڻ کي اتي غير محفوظ پئي سمجهي؟
ڇا چيف جسٽس صاحب کي ياد ناهي ته ميمو گيٽ ۾ منصور اعجاز کي بادشاهن جهڙو پروٽوڪول ڏيڻ لاءِ عدليا سڀ ڪجهه ڪيو ايترو ئي نه پر ماشاالله اعجاز منصور ٻاهر ويهي بيان ڏنا، اتي ئي هڪ رنڪل جي گذارش کي اڻٻڌو ڪيو ويو. ان ڪري جو هن کي ڳجهن هٿن جي سپورٽ حاصل ناهي ۽ نه ئي امير کرب پتي ماءُ جي ڌيءَ آهي. اڄ رنڪل جيڪڏهن پئسي واري جي ڌيءَ هجي ها ته ٽي وي ميڊيا هر وقت هر سيڪنڊ هاءِ گهوڙا ڪندي انساني حقن تي ايترو ڳالهائي ها جيترو شايد ئي هن صدي ۾ ڪنهن انساني حقن تي ڳالهايو هجي.
پياري رنڪل جا ڀاڳ به غريباڻا نيڪتا. هڪ ڳالهه طئه آهي ته رنڪل ڪماري بردباري جو مظاهرو ڪيو آهي. جيڪڏهن مان هينئر رنڪل کي هڪ ديو مالائي ڪردار سان ڀيٽيان ته گهٽ نه ٿيندو. جنهن جو سفر طوفانن ۾ گذرندي به هوءَ پنهنجي موقف تي بيٺل نظر آئي آهي ته ان کي ڪٿي ڪيئن ڳالهائڻو آهي ۽ اصل موقف ڪٿي ڪئين پيش ڪرڻو آهي؟ رنڪل ڪماري سمجهه ڀريو قدم کڻي ٻڌائي ڇڏيو ته متان ائين سمجهو هن ڌرتي مان مارئي جهڙيون پيدا نه ٿينديون.
مون کي خبر ناهي هينئر رنڪل دارالامان ۾ ڇا سوچي رهي آهي ۽ هن جيئن دارالامان لاءِ ڪرب جهڙو بيان ڏئي واضح ڪيو ته هن سان ڇا ٿئي پيو؟
رنڪل هينئر ڪيئن هوندي؟ مون ڇا سڄي سنڌ ۽ امان سلڇڻي ٻائي کي به خبر ناهي، پر ان جي باوجود به رنڪل پنهنجي ماءُ سان احساسن ذريعي پيغام اماڻيندي هوندي ته امان مان توڏانهن ئي واپس اينديس بس ٿورو ٻيهر انتظار ڪر ۽ رنڪل جي ماءُ جنهن پنهنجي هر ٻار تي نظر وجهڻ کانپوءِ رنڪل کي سڏ ڪندي هوندي، ها! مون کي ياد آهي جڏهن رنڪل جي ماءُ مون کي دعا ڪندي چيو هوءَ به توهان جيان ئي آهي ۽ هن هٿ ٻڌي چيو ٻيلي منهنجي ڌيءَ مون کي واپس ڏيو.
مان ڇا چوان ۽ لکان ته هن رياست ۾ ماءُ جي التجاء کي نه ٻڌو ويو پوءِ انصاف جي اميد رکڻ؟ توهين عدالت ٿي پوندي جيڪڏهن ڪجهه لکيو پر جيڪا توهين هڪ ماءُ سان ٿئي پئي ان لاءِ ڪير نوٽيس وٺندو؟
ڇا هن رياست کي دل آهي جتي ماءُ جي صدا ٻڌندڙ ڪير به ناهي؟ ڏاڍ سهندڙ ئي ڪٽهڙي ۾ آهي؟ اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته انصاف زنده باد...پر ڪنهن جي لاءِ؟
دارالامان کي سنڀاليندڙ مليحه مون سان فون تي ڳالهائيندي چيو هو ته she is perfectly all right. ۽ مون موٽ ۾ جواب ڏيندي چيو ته هوءَ ڪيئن تي perfectly آرام سان رهي سگهي؟ ۽ مليحه مون کي ٻيهر چيو نه نه هوءَ بلڪل ٺيڪ ۽ آرام سان آهي.
ڇا مليحه رنڪل جي گذارش ٻڌي جڏهن هن چيو ته مان دارالامان نه وينديس، پر هوءَ بندوقن جي ڇانوَ ۾ ٻيهر موڪلي وئي آهي
ماءِ لارڊ 26 مارچ تي جيڪو ۽ جيئن فيصلو ڏنو آهي ان ۾ اسان سڀئي ائين ئي ٽٽا آهيون جيئن رنڪل ٽٽي آهي 16 اپريل تائين گهڻا ڏينهن آهن ۽ اسان سڀئي وري هٿن ۾ پرچيون جهلي پنهنجي تاريخ جو انتظار فرمائي رهيا آهيون ته هاڻي ڇا ٿيندو؟
پر پياري رنڪل سان ايترن ڏينهن ۾دارالامان۾ ڇا ٿيندو؟
26 مارچ تي اکين مان ڪرندڙ ڳوڙها انصاف جي لاءِ ڪاريندي رهجي ويا.
اي دل ڪجهه ته جنبش آڻ ايتري سانت ۾ ڇو آهين؟
ڇا تنهنجو درد هڪ ڀيرو ٻيهر طوفان نه ٿو آڻي سگهي؟
published in daily Ibrat newspaper on 29March/2012
No comments:
Post a Comment