سنڌ جي معاملي ۾ گهڻو ڪجهه تبديل آهي، ان جي حصي ۾ جيڪا به خبر آئي آهي ڀيانڪ ئي آئي آهي
وينگس
وينگس
اهو ضروري ناهي ته هر خبر سٺي هجي يا هر خبر ڀيانڪ ئي هجي، پر سنڌ جي معاملي ۾ گهڻو ڪجهه تبديل آهي، ان جي حصي ۾ جيڪا به خبر آئي آهي ڀيانڪ ئي آئي آهي.
جڏهن سڀئي خبرون سنڌ جي خلاف هجن پوءِ انصاف لاءِ در کڙڪائڻ گناهه ناهي، اهو حق آهي ته سنڌ انصاف جي ديوي ڏانهن گذارش موڪليندي گهُرَ ڪري ٿي ته هن کي به انصاف ملڻ گهرجي. اسان جي پياري مهذب ملڪ ۾ سڀ برابر آهن، هتي ڪجهه به اڻ برابر ناهي، ان قسم جو سبق سنڌ ۽ بلوچستان جي ڏتڙيل عوام کي پڙهايو وڃي پيو. عوام کي ان سبق تي به اعتراض ناهي، عوام پڇڻ چاهي ٿو ته جيڪڏهن سڀ برابر آهن ته پوءِ سنڌ ۽ بلوچستان جي حالت بدترين ڇو پئي ٿيندي وڃي؟
پاڪستان ٻن قسمن ۾ ورهايل آهي، هڪ اهو جيڪو ڳجهن هٿن ۽ ان جي ساٿارين کي خوش رکڻ لاءِ ۽ ٻيو ڏتڙيل عوام جو آهي. جڏهن ته عوام جي حصي ۾ ڊگهي جدوجهد کانپوءِ به صرف ڏک ۽ ماتم ئي اچي ٿو. ٻن قسمن ۾ ورهايل هن مُلڪ ۾ وري ميڊيا به ٻن قسمن جي آهي. جنهن مان هڪڙي آهي قومي نجي ميڊيا، جيڪا نجي گهٽ ۽ قومي گهڻي آهي، انهن لاءِ اهم خبر اها هوندي آهي جنهن کي اين او سي مليل هجي. جيڪڏهن ڪنهن به خبر کي اين او سي ناهي ته ان کي ڪنهن به بنياد تي نه هلايو ويندو. ان ڪري (قومي) نجي ميڊيا وٽ به ڏتڙيل عوام جو درد ٻڌڻ لاءِ وقت ناهي ۽ ٻئي پاسي ريجنل ميڊيا يعني ڏتڙيل عوام جي ميڊيا، جنهن وٽ آواز ئي ڏتڙيل عوام جو آهي، ان جي خبر کي اصل حڪمران ٻڌڻ جي ضرورت به محسوس نه ڪندا آهن. انهيءَ ڪري هتي ٻن قسمن جو نظام آهي، يعني هڪڙو طاقتور ماڻهن جو نظام ۽ ٻيو مجبور ۽ مظلوم ماڻهن جو نظام، مظلومن جي تيستائين ڪير به نٿو ٻُڌي، جيستائين طاقتور اُن جي اجازت نٿو ڏئي.
جڏهن ميڊيا ورهايل هجي ۽ قومي ميڊيا هڪ خاص گروهه جي نمائندگي ڪندي هُجي ته ان خاص گروهه کي ڪهڙو لاچار جو اهي غريب عوام جي درد کي ٻڌن. جيتوڻيڪ انهن جي ميڊيا تي آواز به انهن خاص گروهن لاءِ اُٿاريو ويندو آهي، جيڪڏهن غلطي ڪري توهان انهن کي چئي ڏنو ته ڪجهه منٽ توهان غريب عوام جي خبر تي ڌيان ڏيو، تنهن تي اهي غصي ۾ اچي چوندا توهان کي صحافت جي خبر به آهي؟ هي ڪيس گهڻو منجهيل آهي؟ توهان سنڌي ۽ بلوچي ٿي ڪري نه سوچو، توهان کي پاڪستاني ٿي ڪري سوچڻ گهرجي. پاڪستاني ٿي ڪري سوچڻ مان انهن جي مراد سڌي آهي ته جن مسئلن ۾ اسان جو فائدو هوندو ان تي آواز اُٿاربو، جيڪي توهان مسئلا ٻڌائي رهيا آهيو اهي هن مُلڪ جا قومي مسئلا ناهن.انساني حقن لاءِ آواز اُٿارڻ به سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ گناههِ ڪبيرا ٿي پيو آهي. اسان هاڻي ڪجهه به نه پيا چئون سواءِ ان جي ته اسان جي ٻچن کي تحفظ ڏيو، پر الائي ڇو ان تي به انهن کي اسان جي هر خبر وفاق جي خلاف لڳي رهي آهي. هڪ اهڙي وايو منڊل ۾ انصاف جي لاءِ واجهائيندڙ خبر کي ڪير ٻڌندو؟
ريجنل اخبارون ڪيترو به لکن انهن جي خبر کي ڪير ٿو ڏسي، اهي ئي جيڪي ظلم ۽ ناحق برداشت ڪن پيا. ايترو ئي نه پر هاڻي جيڪڏهن توهان جي خبر ٽي وي تي اچي وئي تڏهن به ڪير ڌيان نه ڏيندو، جيستائين ان خبر کي ٽي وي وارا رڙيون ڪري مسلسل ورجائين نٿا، پوءِ وڃي انهن جي خبر تي ڌيان ڏبو ۽ ان سان گڏوگڏ اهو به چيو وڃي ته جيڪڏهن هن خبر کي نه ٻڌو ويو ته ملڪي سلامتي خطري ۾ آهي ته پوءِ ڏسو ڪيئن نه ٿا خبر تي ڌيان ڏين؟
ان سڄي معاملي ۾ جيڪڏهن ڏتڙيل عوام جي ڪا خبر اخبار جي سرخي ٿي به وئي ته ڇا ٿي پيو؟ ان خبر سان ڪنهن کي به خطرو ناهي. هتي انهن خبرن تي سلامتي خطري ۾ پئجي ويندي آهي، جنهن تي انهن جي پنهنجي مرضي پئي.
ريجنل اخبارون کڻي پڙهو، جنهن ۾ هر روز انساني حقن جي توهين ٿئي پئي، ايترو ئي نه پر رياستي مشينري طرفان پڻ ظلم ٿي رهيو آهي، ان تي آواز اٿارڻ وارو ڪير به ناهي.
اخبارن ۾ خبر لڳل آهي ته هڪ اسڪول جي ڇت ڪرڻ ڪري شاگردياڻيون ملبي ۾ دٻجي شديد زخمي ٿي ويون. ان کانپوءِ ڪراچي شهر ۾ خاص طور تي ٽارگيٽ آپريشن ۾ لياري نشاني تي آهي، جنهن ۾ هڪ گهر جا ڇهه ئي نوجوان گولين جو کاڄ ٿي ويا ۽ اتان نينگريون پڻ اغوا ڪيون ويون.هينئر تائين ڪهڙي ميڊيا آهي جنهن ان تي آواز اُٿاريو هُجي. ملڪ جي حڪومت تي ائين ڳالهايو هجي، جيئن اهي سڀئي اين آر او، توهين عدالت، وزيراعظم جي پٽ جي ڪيس ۽ ميمو گيٽ تي ڳالهائيندي نظر اچن پيا. جيڪڏهن اهي سڀئي ڪيسز انصاف جي گهرجائن ۾ اچن ٿا ته پوءِ لياري ۾ هڪ ماءُ جا ڇهه ٻار جيڪي گولين جو کاڄ ٿي ويا انهن جو ڪيس ڪٿي ۽ ڪهڙي پاسي هلندو؟
ڇا انهن جي لاءِ انصاف ٻئي قسم جو آهي؟ ايترو ئي نه پر جڏهن رنڪل ڪماري ڪيس کان وٺي آشا ڪماري ڪيس تائين آواز اٿاريو ويو ته انهن ڪيسن سان انصاف نه ٿيو. ايترو ئي نه پر ڪنهن به پنهنجو سخت ردعمل نه ڏيکاريو، جهڙو هن ملڪي ميڊيا جو ردعمل ٻين ڪيسن تي ڏسڻ ۾ ايندو رهيو آهي. هڪ خبر آهي جيڪا صرف انصاف لاءِ نهاري پئي ان سان ڪنهن کي ڪهڙو نقصان پئي ٿو؟ بلڪه انهيءَ خبر سان نقصان ناحق ڪندڙن کي ضرور پهچندو.
هن ملڪ جا مسئلا ڪيترا به هجن پر جيستائين انهن خبرن کي ايمانداريءَ ۽ صحافت جي اک سان نه ڏٺو ويو ته پوءِ مسئلا مونجهاري جو شڪار ئي ٿيندا، ان جي ابتڙ اهي هڪ اهڙي موڙ تي وڃي پهچي ويندا جتان انهن کي واپس ڪرڻ انتهائي مشڪل ٿي ويندو.
هن ملڪ جو وڏو مسئلو شروع کان رهندو پيو اچي ته اهي ڏتڙيل عوام جي درد جي خبر تي ڪبوتر جيان اکيون بند ڪري ڇڏيندا آهن. هن ڌرتي تي هر روز هر هڪ خبر جو قتل ڪيو وڃي ٿو، جنهن سان سڄي ڌرتي رت ۾ ٻڏل آهي. هاڻي جيڪڏهن ٻيهر ڪا خبر وري ڪَرُ کڻي ٿي ته ان کي ساڳئي روايتي انداز سان قتل ڪيو وڃي ٿو. هتي صرف هڪ خبر جو قتل ناهي، پر درحقيقت انهن انسانن جو قتل آهي، جيڪي انصاف گهرڻ لاءِ هٿ اڳيان وڌائين ٿا ۽ موٽ ۾ انهن کي ڇا ٿو ملي؟ اسان ڪجهه نٿا چئون، توهان پاڻ ئي اخبار کڻي ڏسو ته هر هڪ خبر انصاف لاءِ نهاري پئي، جنهن کي ڪڏهن به انصاف ناهي مليو.
veengas@dailyibrat.com
No comments:
Post a Comment