Pages

Labels

Saturday 7 April 2012

گهوٽڪي انتظاميا رنڪل معاملي تي صدر جي نوٽيس وٺڻ جي ابتڙ عمل ڪيو: امر لعل

گهوٽڪي انتظاميا رنڪل معاملي تي صدر جي نوٽيس وٺڻ جي ابتڙ عمل ڪيو: امر لعل

ڪراچي (پ ر) کاٻي ڌر جي اڳواڻ ڪامريڊ امر لعل اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي موقف جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته زور زبردستي سان مذهب مٽرايل ڪنهن فرد تي مرتب ٿيڻ جي تهمت مڙهي نٿي سگهجي. پنهنجي پريس بيان ۾ وڌيڪ چيو ته 24 فيبروري تي رنڪل ڪماريءَ جي اغوا ٿيڻ بعد صدر آصف علي زرداري هڪ ڏينهن بعد 25 فيبروريءَ تي ئي ان سانحي جو نوٽيس ورتو هو، پر گهوٽڪي ضلعي جي انتظاميا، صدر جي نوٽيس جي ابتڙ عمل ڪري دهشتگردن جي پٺڀرائي ڪرڻ سان گڏ مظلوم خاندان جي ڪا به دانهن نه ورنائي هئي. هن صدر آصف علي زرداري کان گهر ڪئي ته گهوٽڪي جي ضلعي انتظاميا طرفان دهشتگردن جي اڄ تائين جاري پٺڀرائي جو نوٽيس وٺي. اغوا ٿيل رنڪل ڪماري جي مظلوم خاندان کي انصاف ڏيارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. .

No comments:

Post a Comment