هندو – مسلم تضاد ۾ تباهه ٿيل سنڌ – اسد چانڊيو
انگريزن جي غلاميءَ کان وٺي اڄ تائين، پنهنجي قومي قيادت جي ڪردار تي نظر ڦيرائيندي، ذري جيترو به نٿو لڳي ته 1930ع واري ڏهاڪي کان سرگرميءَ سان ادا ڪيل سنڌ دشمن ڪردار، 80 سالن جي عرصي ۾ ٿورو به تبديل ٿيو هجي….!!. سنڌين جي قومي ارتقا ڪنهن اهڙي برفاني گليشئر ۾ ڄمي ويل محسوس ٿي ٿئي، جنهن کي حالتن جي ڪا به گرمي پگهاري سگهڻ ۾ هميشه ناڪام ئي رهي آهي…!!. ان عرصي ۾ وقت پاڻ کي ڀلي ڪيترو به ورجايو هجي، پر اسان جو ”قومي جواب“ ذري جيترو به تبديل ٿي نه سگهيو آهي. اسان پنهنجي سوچ ۽ عمل ۾ اڄ به ان هنڌ ئي بيٺل آهيون، جتي سائين جي ايم سيد، سنڌ جي ترقي پسند ۽ سنڌ دوست اڳواڻن هاري ڪميٽيءَ جي عبدالقادر ايم خان، رمضان شيخ، نور الدين سرڪي، عبدالرحمان عيساڻي ۽ ڪامريڊ نسيم عباسيءَ جو ساٿ ڇڏي، برطانوي ايجنٽ طور سنڌ سان دشمني ڪرڻ جو ٽاسڪ مليل پير علي محمد راشدي جي صحبت ۾ اچڻ بعد، 1933ع ۾ بهار اسيمبلي کي خطاب ڪندي ”بهاري مسلمانن کي سنڌ ۾ اچي رهڻ جي دعوت“ ڏني هئي ، يا خان بهادر ايوب کهڙو 45-1946ع ۾ سنڌ جي قانون ساز اسيمبليءَ جي چونڊ مهم دوران چئي رهيو هو :”مان بي تابيءَ سان ان ڏينهن جو منتظر آهيان، جڏهن سنڌ جا هندو معاشي طور ايترو ته ڪمزور ٿي ويندا جو، انهن جون عورتون زمينن ۽ بازارن ۾ پورهيو ڪندڙ پنهنجن مڙسن، ڀائرن ۽ پٽن لاءِ ٻنپهرن جي ماني کڻي وڃڻ تي مجبور هونديون“. چونڊن ۾ڪاميابيءَ بعد سنڌ ڪابينا ۾ پبلڪ ورڪس جو وزير ٿيڻ شرط ايوب کهڙي طرفان ڪيل اعلانَ ۽ اڄ به سنڌ جي پيرن ۽ ميرن جي ادا ٿيندڙ سنڌ دشمن ڪردار ۾ ڪو فرق اچي نه سگهيو آهي، جنهن دوران کهڙي صاحب فرمايو هو: ”سنڌ جي هندن کي سنڌ ڇڏي ڪنهن ٻئي پاسي وڃڻو پوندو- کين هن وقت ئي وڃڻو پوندو، ڇو ته هن وقت امن امان آهي، نه ته مان کين خبردار ٿو ڪريان ته، جلد ئي اهو وقت اچڻ وارو آهي جڏهن کين سنڌ مان ڀڄڻ لاءِ ڪو گهوڙو، ڪوگڏهه ۽ ڪا ئي سواري به ملي نه سگهندي“.(ڪراچي ڪهاڻي: صفحو 235). ساڳي ئي دور ۾، سنڌ جي قانون ساز اسيمبليءَ جي ميمبر آغا بدرالدين طرفان مسلم ليگ سکر جي ضلعي ڪانفرنس لاءِ موڪليل پيغام ۽ اڄ به مظلوم رنڪل لاءِ آواز اٿاريندڙ هندن جي آواز کي دٻائڻ لاءِ، ساڳي ئي علائقي جي وفاقي وزير طرفان، ڪراچي ۾ مذهبي جنونين کي استعمال ڪرڻ جي خواهش ۾ ڪو فرق ڳولي لهڻ ناممڪن آهي، جڏهن آغا صاحب چيو هو ته: ”هي مسلمان انتهائي بي تابيءَ ۽ بي چينيءَ سان ڪن اُڀا ڪري، گهوڙن جي سُنبن جي آوازن، تلوارن جي جهنڪارن ۽ مسلمان مجاهدن جا الله اڪبر جا نعرا ٻڌڻ جا منتظر آهن“. (حوالو ساڳيو)
ڪراچيءَ ۾ گذريل 22 مئي تي ٿيل سنڌين جي قتل عام جي ٻئي ڏينهن پيپلز پارٽيءَ جي ايم پي ايز جي اجلاس ۾ پنهنجا چپَ سبي ويٺل هڪ وزير ۽ سندس ڏاڏي جي اپريل 1947ع ۾ جيڪب آباد ۾ ڪيل سنڌ دشمنيءَ ۾، 65 سالن بعد به ترَ جيترو فرق اچي نه سگهيو آهي، جڏهن پير الاهي بخش فرمايو هو: ”سنڌ ۾ هندن کي پاڻي پٽَ جي چوٿين جنگ کي منهن ڏيڻو پوندو. اها هندن لاءِ واٽر لُو ثابت ٿيندي.“. (حوالو ساڳيو).
سنڌ ۾ ”سنڌي قوم“ جو تصور ملياميٽ ڪري، پنهنجن ئي سنڌين جي مختلف مذهب سان هئڻ کي ”ڏوهه“ بڻائي شروع ڪيل مسلم قيادت جي قوم دشمن رويي، سنڌي سماج تي ڪهڙا اثر ڇڏيا؟، پنهنجي ڪتاب Stern Reckoning ۾ گوپالداس کوسلا ٻڌائي ٿو: ”مسلم اڳواڻن جي پيرويءَ ۾ مُلان ۽ مڪاني زميندار به فورن ميدان تي نڪري آيا،پير به هميشه اسيمبلين جي چونڊن ۾ مسلم ليگ جي اميدوارن جي حمايت ڪندو هو، جنهن ڪري کيس مسلم ليگ جي وزيرن جو پورو اعتماد حاصل هو. ان ڪري هن پنهنجن مريدن کي ڀڙڪايو ته اُهي هندن کي ڊيڄاري سندن فصلن ۽ زمينن تي قبضو ڪن“. لاڙڪاڻي ۾ قاضي فضل الله چيو :”هڪ هٿ ۾ قرآن ۽ ٻئي هٿ ۾ تلوار کڻي اسلام کي فتحمند ڪيو“. اهڙين ٽِيڪرُن ڪري، ننڍن زميندارن پنهنجن هارين ذريعي هندن کي ڊيڄارڻ شروع ڪيو. سندن فصل ۽ گهر ڦريا ويا، ان ريت بد امني ۽ فرقي واريت واري ٻجُ مان جلد ئي ميوو ملي ويو“. (ساڳئي ڪتاب جو ترجمو ڪراچي ڪهاڻي : صفحو 236 )
- ۽ پوءِ، سنڌ ۾ پنهنجن ئي ڀائرن کي پهرين معاشي طور تباهه ڪرڻ بعد ٻئي مرحلي ۾ وڳوڙن جي ور چاڙهي عورتن ۽ ٻارن جو به قتل شروع ڪيو ويو. پهرين سيپٽمبر 1947ع کان ڪليڪٽر مسعود کدر پوش جي سنڌ دشمن فطرت نواب شاهه ۾ اهڙن وڳوڙن کي جنم ڏنو جو، بعد ۾ ڪيترن ئي علائقن
۾ ڪرفيو لڳائڻو پيو. ”4 سيپٽمبر تي نوابشاهه ۽ شفيع آباد جي وچ تي هٿياربندَ، سنڌ ڇڏي ويندڙن سان ڀريل 55 -اپ مڪسڊ مسافر ريل گاڏيءَ تي چڙهي آيا، 11 مردن ۽ چئن عورتن کي قتل ڪيو ويو، 17 ماڻهو زخمي ٿيا“. (ايوب کهڙو، صفحو 504)
سنڌ جي مسلم قيادت ۽ ان جي اشارن تي هلندڙ ميرن، پيرن ۽ وڏيرن جو ڪردار ئي سنڌين جو اهڙو ”قومي ڪردار“ بڻجي اڄ تائين سنڌين کي ڏنڀَي رهيو آهي، جيڪو انگريز سامراج جي عين خواهش تي شروع ڪيو ويو هو. بدقسمتيءَ سان سنڌ، 80 سال اڳ شروع ڪيل ڪردار کان ترَ جيترو به سُري نه سگهي آهي. سنڌ جي چونڊيل قيادت توڙي ان جون جوڙيوال مذهبي ٺيڪيدار ۽ جاگيردار ڌريون اڄ به پنهنجي پهرين ڏينهن واري سبق کي ئي بار بار رَٽيندي، ساڳي ئي ڪم سان لڳل آهن!. اڄ جڏهن سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، تڏهن مونکي ماضي تي نظر ڦيرڻ دوران ايئن محسوس ٿي رهيو آهي، ڄڻُ ته اسان جَنهن ڏينهن پنهنجي ئي وجودَ، (هندو سنڌين) جو دشمن بڻجڻ جو فيصلو ڪيو هو، ان وقت اسان پاڻ ئي سنڌ جي هر تباهيءَ، ويندي اڄوڪن ورهاڱي وارن مطالبن جو به بنياد رکي ڇڏيو هو. ان سڄي عرصي ۾ ڪنهن به سطح تي، نه ته اسان پنهنجن ڏانهن دشمنيءَ وارو رويو تبديل ڪيو آهي، نه ئي دشمن کي هڪ دشمن طور ورتو ۽ سمجهيو آهي. اسان پنهنجي تباهيءَ جو سفر، جيڪو 1930 واري ڏهاڪي کان شروع ڪيو هو، اهو بنا ڪنهن وقفي، اڄ تائين جيئن جو تيئن جاري آهي!. چهرا تبديل ٿيا آهن، خاندانَ ساڳيا آهن!. حڪومتي عهدا بدليا آهن، پر ڪردارُ ساڳيو آهي.!. گادين جا ڌڻي ۽ جاگيردارن جا پڳدارَ مختلف ضرور آهن، پر سندن سنڌ دشمنيءَ تي ٻڌل سوچ ساڳي ئي آهي…!!.
1947 واري سانحي کي 65 سال ٿي وڃڻ باوجود، سنڌ پنهنجو اهڙو ڪردار تبديل ڪرڻ لاءِ بلڪل به تيار نه آهي، جيڪو تمام جلد ”قومي خودڪشيءَ“ جي شڪل ۾ سامهون اچڻو آهي. 65 سالن بعد اڄ وري سنڌ مان سوين سنڌي ڪٽنب، رنڪل بابت سپريم ڪورٽ جي 18-هين اپريل واري فيصلي بعد، پيدا ٿيل حالتن ڪري سنڌ ڇڏي وڃي چڪا آهن، ۽ وڃي رهيا آهن. وڌيڪ سوين ڪٽنبَ انتهائي خاموشيءَ سان پنهنجا اجها ۽ ڪاروبار ٽڪي پئسي تي ڏئي پنهنجي جان ۽ نياڻين جي عزت بچائي وڃڻ کي ئي سڀ ڪجهه سمجهي، سنڌ ڇڏڻ جي تيارين ۾ آهن. اهڙي وقت، جڏهن دشمن لساني ٽولا اسان جي اقليت ۽ پنهنجي اڪثريت ۾ اچي وڃڻ جا اعلان ڪري، اسان کان پنهنجي ڌرتي ماءُ کسي ڇڏڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، ان ئي وقت سنڌي سماجُ، ڪنهن ننڍي کان ننڍي سطح تي به پنهنجن هزارين ڀائرن جي وطن ڇڏي وڃڻ جو نوٽيس ناهي ورتو…!!. سنڌ ڌارين جي قبضي ۾ اچي وڃي يا پنهنجا ئي سنڌي در بدر ۽ جلاوطن ٿي وڃن؟، اسان کي ان ڳالهه سان ڪا به دلچسپي نه آهي. اسان پاڻ کي ڪهڙو به نالو ڏنو هجي، اهو ڀل عوامي سياست جو هجي يا قومي تحريڪ جو، پر سنڌ جي تباهيءَ تي اسان هڪ جهڙا ئي مطمئن آهيون!. سنڌ جو وڏيرو ورهاڱي کان به پهرين جيڪو ڪردار ادا ڪري رهيو هو، اهو اڄ به جاري آهي. سنڌ جا پير اڳ به جيئن پنهنجي قيادت جي اشاري تي سنڌي هندن لاءِ ڌرتي تنگ ڪري رهيا هئا، اهي پنهنجو ڪردار تبديل ڪرڻ بجاءِ، اڄ ان سماج دشمني تي کلي عام فخر ڪرڻ شروع ڪري چڪا آهن، پاڻ کي سنڌ جي ”ساڃاهه“ ۽ ”شعور“، قرار ڏيندڙ به منافقت جي سمنڊَ ۾ غرق ٿيل آهن!. هن وقت اتر سنڌ جا گهوٽڪي، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ڪشمور- ڪنڌڪوٽ ضلعا عملي طور سنڌي هندن کان ”پاڪ“ ڪري ڇڏڻ واري سازش جو ڳڙهه آهن. سنڌ جو جاگيردار ڪالهه به سنڌ دشمن جي ايجنٽ طور استعمال ٿي رهيو هو، جيڪو اڄ تائين جيئن جو تيئن، سنڌي دشمن بڻيو ويٺو آهي.
اهڙيءَ سازش کي سمجهڻ لاءِ، اچو ته ويجهر جي ڪجهه واقعن کي ڏسي وٺون:
”ڪشمور شهر ۾ هڪ مسلمان منشي، هندو ڪارخانيدار سان سالن کان ٺڳي ڪندڙ ٿو هجي. گذريل سال 2011ع دوران هندو سيٺ کي اهو احساس ٿو ٿئي ته سندس نمڪ خوار منشي، کيس گهڻو ئي ٺڳي چڪو آهي!. سماج ۾پنهنجي ڪمزور بيهڪ کان باخبر سيٺ هڪ ڏينهن منشيءَ کي گهرائي چوي ٿو ته، :”هاڻ گهڻو ٿيو! تون سالن کان منهنجي اعتبار سان کيڏندو رهيو آهين، جنهن ڪري تون وڌيڪ مون وٽ ملازم رهي نٿو سگهين .نئين نوڪري ملڻ تائين ڪٿي تنهنجا ٻچا پريشان نه ٿين، ان ڪري هڪ سال جي پگهار جيترا پئسا به توکي ڏئي رهيو آهيان، هاڻي وڃي پنهنجو ڪو ٻيو بلو ڪر“. مسلم منشي پنهنجي ٺڳي پڌري ٿي پوڻ باوجود به هڪ سال جيتري پگهار برابر پئسا ملڻ تي خوش ٿيڻ بجاءِ، پنهنجي ڳوٺ پهچي اهو اعلان ٿو ڪري ته :”سندس سيٺ توهين رسالت ڪئي آهي، جنهن ڪري هو کيس ڇڏي آيو آهي. هاڻي مسلمان ساڻس پاڻ پُڄن!“. اهڙي صورتحال سالن کان ڦُري ويندڙ سيٺ لاءِ زمين تنگ ٿي ڪري ڇڏي. معاملو علائقي جي مشهور مزاري سردار تائين پهچي جرڳي جي شڪل وٺي ٿو وڃي، جنهن دوران هندو سيٺ تي ته ڪو الزام ثابت نٿو ٿي پر مسلم منشيءَ جي چورين ۽ ٺڳين جا انيڪ ثبوت سردار جي سامهون آندا وڃن ٿا!. پوءِ به جيڪو فيصلو ٿو ٿئي، اهو ڪجهه هن ريت ٿو هجي:”هندو سيٺ تي توهين رسالت جو الزام غلط آهي، پر ان باوجود، هُو مسلم منشيءَ کي وڌيڪ ٽن سالن جي پگهار برابر رقم ادا ڪرڻ لاءِ پابند هوندو…!!“.
”شڪارپور جو اشوڪ پنهنجي 610- ايڪڙ زمين تي کوسن جي قبضي خلاف مزاحمت ڪرڻ تي ڄنگهه ۾ گولي لڳڻ ڪري اڄ تائين منڊڪائي هلي رهيو آهي. چڪَ ۾ ٽن بي گناهه هندن کان جان کسيندڙ ڀَيا، مدئجي ۾ هندن جي سوين ايڪڙ زمين پنهنجي نالَي ڪري چڪا آهن. پني عاقل جو مُکي ڪندن داس پنهنجو الهه تلهه ڦرائي چڪو آهي. ميهڙ جي امر لعل کان 617 ايڪڙ زمين کسجي چڪي آهي. ميرپور خاص جي سيٺ آسن داس جو ڪيس ته دل جهوريندڙ آهي، جنهن جي زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ سندس ئي مگسي ڊرائيور کيس ڪار ۾ ئي باهه ڏئي ڇڏي. اڄ اهو مگسي خاندان سنڌ جي مالدار ۽ موقعي پرست گهراڻن مان هڪ آهي“.
زمينن تي قبضن سان گڏ ڀنگ لاءِ اغوا ۽ ڀتو وٺڻ لاءِ نشانو بڻائڻ جي عام جام واقعن سان گڏ، سنڌي هندن سان سڀ کان وڌيڪ ٿيندڙ ڪريل ويڌن، سندن نياڻيون اغوا ڪرائي، پئسا وٺي واپس ڪرڻ يا دل گهري وقت تائين نياڻين کي پاڻ وٽ رکڻ ۽ بعد ۾ انهن کي پنهنجن نوڪرن جي حوالي ڪري ڇڏڻ يا مناسب قيمت ڏيندڙ خريدار کي ڏئي ڇڏڻ آهي. مظلوم سنڌين جي دعويٰ آهي ته، سال 1999 کان 2009ع تائين سندن ٽَي هزار نياڻيون اغوا ٿي چڪيون آهن. رنڪل جي اغوا جو سڄي دنيا ۾ ٿيل پڙاڏو، اڄ تائين آسانيءَ سان ٻُڌي سگهجي ٿو.
سنڌين اجتماعي سطح تي، اڄ تائين ان سازش کي پنهنجي سوچڻ جيترو به اهم ناهي سمجهيو ۽ ان سنڌ دشمنيءَ کي به، سنڌ ۾ جاري بد امنيءَ جي ٻين واقعن سان ئي گڏائي ڇڏيو آهي!. ڪنهن به ان سازش جا پيرا ناهن کنيا ته سنڌ جي هندن کي ڏوهارين ذريعي نشانو بڻائي، ڌرتي ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪرڻ واري روايت جو بنياد 65 سال اڳ وڌو ويو هو، جيڪو ساڳين ئي پيراڻين گادين ۽ جاگيردارن ذريعي ڪيو پئي ويو. ڪالهه به اُهي ڪنهن جي ”اشاري“ تي ئي ايئن ڪري رهيا هئا ۽ اڄ به اهي اشارن تي نچندڙ ”پُتلين“ کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به نه آهن!. پنهنجي والد جي زندگي کي لکيل ڪتاب جي صفحي 503 تي حميده کهڙو لکي ٿي: ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ ڦرن ۽ ڌاڙن جا واقعا به اوچتو ئي وڌي ويا، جن ۾ مالدار هندو واپارين کي نشانو بڻايو پئي ويو“. ڄاڻايل سڀ حقيقتون ڇا اڃا تائين به ان ڳالهه کي ثابت نٿيون ڪن ته، ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ سنڌ ۾ شروع ڪرايل بدامني جا اصل ڪهڙا ڪارڻَ هئا؟، اهو ساڳيو ئي ڪم اڄ تائين به جيئن جو تيئن جاري آهي…!!. ساڳي ريت سنڌ مان سنڌين جي لڏپلاڻ تي سنڌ جو ”شعور“ ڪالهه به خاموش رهي سڀ ڪجهه ”ٿيڻ ڏيڻ“ جو ڏوهاري هو، جيڪو ڏوهه اڄ به ٿي رهيو آهي…!!. سنڌ دشمن عمل به ساڳيو آهي، ملندڙ نتيجا به ساڳيا آهن ته اسان جي بي ضميري به ساڳي آهي…!!. 65 سالن ۾ ڪجهه به ناهي بدليو، سواءِ سنڌ جي، جيڪا ڪالهه بنا ڪنهن دشمن جي دعويٰ جَي، فقط اسان جي هئي، اڄ ان جا انيڪ مالڪَ پيدا ٿي چڪا آهن!. اسان ڌارين دعويدارن لاءِ ته ڪنهن نه ڪنهن سطح تي زبان چورڻ شروع ڪئي آهي پر، ان سازش جي ٻي پاسي کي نه ڪالهه سمجهڻ چاهيو هو، نه ئي اڄ سمجهڻ چاهيون ٿا…!!.
ايئن به نه آهي ته حالتن مان فقط سنڌي مسلمانن ڪجهه ناهي پرايو، سنڌي هندو به اڄ تائين ان ساڳي ئي دور ۾ رهي رهيا آهن، جتي ورهاڱي جي سازش شروع ٿيڻ وقت اُهي موجود هئا!. گوپالداس کوسلا پنهنجي مضمون :”سنڌ جي سياست ۽ هندو مسلم وڳوڙ“ ۾ لکي ٿو :”پنجاب جي غير مسلمن جي ابتڙ، سنڌ جا هندو جارحاڻو مزاج رکندڙ نه هئا. اهي سياسي جدوجهد ۾ حصو وٺڻ يا پنهنجن حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ جا به عادي نه هئا. لڳي ايئن پيو ته سنڌ جي هندن ان نظريي کي قبول ڪري ورتو هو ته، سنڌ جا مسلمان هڪ برتر طبقي سان تعلق رکن ٿا، جن کي ساڻن (هندن سان) ظلم ڪرڻ جو حق حاصل آهي. اهي مسلمان غنڊن سان مزاحمت ڪرڻ يا جائداد جي مالڪيءَ لاءِ پنهنجي حق جو اظهار ڪرڻ لاءِ بهِ تيار نه هئا. جڏهن به وڳوڙ شروع ٿيندا هئا ته، پنهنجي فطرت مطابق سندن پهريون ردعمل، مقابلو ڪرڻ بجاءِ ڀڄڻ ئي هوندو هو…!!“.
بدقسمتيءَ سان سنڌ جو هندو اڄ به اتي بيٺو آهي، جتي کوسلا جي لفظن مطابق، ڪالهه موجود هو!. هو اڄ به پاڻ سان ٿيندڙ ڪنهن به ويڌن تي مزاحمت ڪرڻ ۽ غنڊن هٿان پنهنجي بچاءَ لاءِ موجود طريقا اختيار ڪرڻ بجاءِ، پنهنجي وجود ۽ پنهنجي ڌرتيءَ تان ئي هٿ کڻي ڇڏڻ لاءِ تيار آهي…!!. انتهائي خاموشيءَ سان، سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن مان سنڌي هندن جا ويران ٿي ويل پاڙا ان ”ڪڙي سچَ“ جو ثبوت آهن. باقي رهيل ڪسر پوري ڪرڻ لاءِ اُهي هن وقت به سنڌ ڇڏي وڃي رهيا آهن ته، وڃڻ جي تيارين ۾ به آهن…!!.
سنڌي ميڊيا کي به، ان سنڌ دشمن منصوبي جي شهرن ۾ ٿيندڙ سازش کي سامهون آڻڻ کان اڳتي وڌي، جاگيردارن ۽ پيرن جي حويلين ۾ ٿيندڙ سازش جي ٻئي حصي کي به وائکو ڪرڻو پوندو. تباهي فقط اها ئي نه آهي جيڪا پراون ۽ ڌارين هٿان اچي!. ساڳي سنڌ دشمن سازش کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ اڄ به ڪنهن نه ڪنهن ”ڳجهي“ يا ”طاقتور“ اداري جي اشاري تي ميرَ، پيرَ ۽ ٻيا ڪيترائي اڳواڻ به ساڳيو ئي ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪو سنڌ تي قبضو ڪري ويٺل ڌاريا دشمن ڪرڻ چاهين ٿا. ورهاڱي وقت پارلياماني سيڪريٽري قاضي محمد اڪبر پناهگيرن سان گڏ حيدرآباد ۾ هندن کي ڦرڻ، لٽڻ ۽ ڌرتي تان تڙي ڪڍڻ جي سازش ۾ پنهنجي سر پاڻ شريڪ هو!. (Stern Reckoning مان ترجمو ڪراچي ڪهاڻي: صفحو 241). اڄ به سنڌي هندن کي ايئن ئي ڦري، لٽي ۽ سندن ننگَ اغوا ڪري، سنڌ ڇڏي وڃڻ طرف ڌڪيو پيو وڃي…!!. هي موقعو آهي ته سندس وارثَ، ان سازش خلاف پنهنجن ادارن جو ڀرپور استعمال ڪري، هٿان سنڌيت کي لڳايل داغ ڌوئي، سنڌين کي ڪنهن حقيقي تبديليءَ جو احساس ڏياري ڇڏين.
ورهاڱي وقت سنڌ جي شهرن ۾ وڏي تعداد ۾آيل پناهگير، جيڪي ڪا به محنت يا ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ بجاءِ، مفت ۾ ملندڙ ماني ڇڏي، تيسين ڪئمپن مان ٻاهر نه نڪتا هئا، جيسين ڪوڙن ڪليمن ذريعي هو وڏين جائدادن جا مالڪ نه بڻايا ويا…!!. بعد ۾ انهن ڪراچي ۽ حيدرآباد مان سنڌي هندن کي ڀڄائي امير بڻجڻ جو رهجي ويل ڪم، پاڻ ئي ڪري ورتو هو، سَي اڄ پاڻ کي ”جديد سنڌ“ جو خالق قرار ڏئي ڌرتيءَ تي نظرون ڄمايو ويٺا آهن…!!. پنهنجي ئي ٻوليءَ جي ٽي وي چينلن تي اچي، هو وڏي واڪ سنڌين جو سنڌ ۾ تعداد هڪ ڪروڙ 60 لک، پنهنجي (پناهگيرن) جي هڪ ڪروڙ 90 لک ٿي وڃڻ جي دعويٰ ڪري، اسان جي اقليت ۾ تبديل ٿي وڃڻ ۽ سندن مالڪ بڻجي وڃڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. ٻئي پاسي پنهنجي ڌرتيءَ تي ئي اقليت ۾ تبديل ٿي وڃڻ جا طعنيٰ ملڻ باوجود، اسان پنهنجن ئي سنڌين کي ڌرتيءَ تان ڀڄائي، پنهنجن پيرَن کي پاڻ ئي قبر ۾ وجهي رهيا آهيون. سنڌ جي هڪ ڪنڊ، ڪمون شهيد جي ڇيڙي تي اُسرندڙ، ۽ سنڌ جي ٻئي ڪنڊ ڪراچي ۾ مان ايندڙ آواز، اصل ۾ هڪ ئي سازش جا ٻه پاسا آهن.سنڌُ جو دوستُ سڏائيندڙ ڌرين، جيڪڏهن ترت ان سازش کي سمجهڻ ۽ ناڪام بڻائڻ لاءِ عملي قدم نه کنيا ته، تاريخ اسان جي قومي خودڪشيءَ کي ڀلي نظر انداز ڪري ڇڏي پر، سنڌ اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي ۽ پوءِ، اسان کي پنهنجن نرڙن تي، سنڌ جي 5 هزار سالن جي تاريخ جو بدترين نسل هئڻ جو چُٽو لڳڻ لاءِ به تيار رهڻ گهرجي، ان خاطريءَ سان گڏ ته، سنڌ دوستيءَ جي ڪا به دعويٰ، اسان کي سنڌ جو ئي دشمن ثابت ٿيڻ کان بچائي نه سگهندي.
(asadchandio71@yahoo.com)

No comments:
Post a Comment