Rinkle Kumari Letter to the Mother!!!
ها! تون منهنجي ساهه ۾ اڄ به آهين...!
وينگس
ها! تون منهنجي ساهه ۾ اڄ به آهين...!
وينگس
ڪاش!
مان جنم نه وٺان ها،
هي زندگي منهنجي حصي ۾ آئي،
ڇا مان صرف آذاب سهڻ لاءِ دنيا ۾ موڪلي ويس؟
جيڪو ڪجهه منهنجي ڪنن تي پيو،
مان هر هڪ لفظ تي ايمان آڻي،
دل کي سمجهائڻ ۾ پئجي ويس ته نه ائين ناهي،
هي سڀئي ڪارا ڪڪر هڪ ڏينهن هٽي ويندا،
هڪ ڏينهن کليل آسمان هيٺان تون ۽ مان آزاد پکين جيان پَرَن کي هوائن جي لهر تي ڇڏينداسين،
هي ناانصافي ۽ اڻبرابر صرف ڪجهه پلن لاءِ آهي،
مون کي اهو ئي ٻڌايو ويو هو،
پر سڀ ڪوڙ ۽ دوکو آهي،
هي جيڪو ڪجهه پاٽ پڙهايو پيو وڃي،
سچائي سان ڏسو ته ان جو وجود ڪٿي به نه ٿو ملي،
وقت جي ڪٽهڙي ۾ مون کي گهليو ويو آ،
مون کان سوالن مٿان سوال ڪيو وڃي ٿو،
اڄ مان به هڪ سوال ڪرڻ چاهيان ٿي،
ڇا هڪ عورت جي روپ ۾ پيدا ٿي مون گناهه ڪيو؟
ڇا خوابن کي پنهنجي دنيا ۾ آڻي گناهه ڪيو؟
اڙي! مون وري وڏي غلطي ڪئي، پنهنجي دنيا نه پر توهان جي دوکيباز دنيا ۾ مون خواب ڏسڻ جي وڏي تاريخي غلطي ڪئي آهي،
جنهن سماج ۾ انصاف ۽ برابري سان گڏ سچائي جي ڪا جڳهه ئي ناهي، اتي پيار ۽ اصولن جهڙا لفظ کوکيلا لڳن ٿا،
انهن لفظن ۾ روح جو وجود ئي ناهي،
پوءِ ڇو منهنجي ڪنن تائين توهان انهن لفظن کي پهچايو؟
جتي مان ئي گناهگار هجان،
جتي مون کي سرعام سماج ۾ ائين گهليو ويو،
جيئن ڪجهه صديون پهريون حضرت عيسيٰ کي گهليو ويو،
ڪاش!
مان جنم نه وٺان ها،
ڪاش! مان هي هيڏو سارو ڪوڙ تي ٻڌل دوکيباز جهان نه ڏسان ها،
اسان جن جنم وٺي، ظلم جا ڦٽڪا پاڻ تي جهليا،
۽ پوءِ به ڪٽهڙي ۾ بيهاري چيو ويو،
تون وڏي ڏوهاري آهين،
ها....ها...ها.... مان وڏي واڪي چوان ٿي ته مان ڏوهاري آهيان،
ڇو جو مان جنم ورتو،
منهنجو جنم وٺڻ ئي وڏو گناهه آهي.
ڪاش! ائين ٿئي ها،
ته مان جنم نه وٺان ها. (هلينا)
مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته مان جيڪو ڪجهه توڏانهن لکي رهي آهيان ڇا مان اهو ايمانداري سان قلم بند ڪري سگهندس؟
منهنجي پياري امان تون کي خبر به آهي ته مان توکي ڪيترو ياد ڪندي آهيان تنهنجون سڀئي خوبصورت ڳالهايون ۽ آکاڻيون جن ۾ هميشه برائي جو خاتمو ٿيندو آهي، جڏهن ته حقيقي زندگي ۾ ائين ناهي. ان جو مون کي تجربو چڱي طرح ٿي چڪو آهي. تون مون کي هميشه دڙڪا ڏئي ڪري چيو ته مان اڃان ننڍڙي آهيان. پر اڄ اچي ڪري مون ڏس ته وقت جي بيرحم لهرن مون کي ڪيترو وڏو ڪري ڇڏيو آهي.
انسان صرف عمر سان وڏو ناهي ٿيندو پر زندگي جي جهول ۾ ملندڙ غم ۽ ناانصافيون زندگي کي اهو سڀ ڪجهه سيکاري ڇڏن ٿيون جيڪو اسان عمر سان گڏ نه ٿا سکون.
تنهنجي رنڪل گهڻي تبديل ٿي چڪي آهي، مون زندگي ائين نه سچيو هو ته مون سان ائين به ٿيندو ۽ نه ئي تون ڪڏهن ٻڌايو ته زندگي جي ٻيڙي ڪڏهن ڪڏهن بيرحم لهرن جي ور به چڙهي ويندي آهي.
امان! مون کي جڏهن گهر مان کنڀيو ويو هو ان وقت مون تون کي رڙيون ڪري سڏ ڪيا، پر ان وقت تون ڪٿي هوئينءَ؟ جڏهن مان پهرين تون کي سڏ ڪندي هوس ته تون هڪ ئي سڏ ۾ جواب ڏيندي هوئينءَ پر جڏهن مون کي تنهنجي سخت ضرورت هئي ان وقت تون ڪٿي هوئينءَ؟
منهنجي رڙين تي ڪير به نه آيو؟ ۽ پوءِ مان مسلسل رڙيون ڪئي ڪندي رهيس، هاڻي مون کي پورو يقين ٿي چڪو آهي ته تنهنجي دنيا کي اکيون، ڪنن ۽ دل ناهي. جيڪڏهن انهن وٽ اهي هجن ها ته منهنجي تڪليف کي محسوس ڪن ها. پر ڪنهن به ڪجهه نه چيو. هن سڏي سفر ۾ مون ڇا مليو؟
اهو هڪ ڪاغذ تي لکڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي گهٽ ۾ گهٽ هاڻي ايتري سگهه بچي ناهي جو انڌن، ٻوڙن ۽ گنگن آڏو ڪاغذ ذريعي دانهه ڏيان.
پياري امان! مون کي تڪليف ۽ ڏک ان وقت ٿيو هو جڏهن منهنجي ڪنن تي آواز پيا ته يقينن ڪٿي نه ڪٿي منهنجو به قصور هوندو؟ ڪٿي مان به ڏوهاري هوندس؟
مون کي خبر ناهي ڪنهن ڪيئن منهنجي لاءِ جملا ڳالهايا هوندا؟ پر مان ڏوهاري ۽ قصور وار ڪيئن ٿيس؟ ها .. ها .. مان غلطي تي آهيان منهنجو قصور اهو آهي ته مان تنهنجي ڌيءَ رنڪل ڪماري آهيان، منهنجو قصور اهو آهي ته مان هڪ غريب ۽ هندو ناري آهيان، انهن سڀني کان مٿي ته مان هڪ عورت آهيان پوءِ مان ئي ڏوهاري ٿيس. جيڪڏهن اهو منهنجو ڏوهه آهي ته پوءِ ان ۾ منهنجو ڪهڙو قصور؟
مان هميشه اهو سوچيو هو ته هن سماج ۾ اسان (نارين) لاءِ ڊگهي فهرست وارا سوالنامه هوندا آهن ۽ هڪ مردن لاءِ ڪجهه به نه. 24 فيبروري کان وٺي هينئر تائين مون تماشو بڻايو ويو؟ ايتري تذليل ٿيندي مون ان جو اندازو نه هو هڪ ناري هجڻ جو مون کي قيمت ادا ڪرڻي پئجي رهي آهي. ڪنهن به انهن کان سوال نه ڪيو ته تون ڪنهن جي گهر جي ناري تي نظر ڇو رکي؟ تون ان کي گهر مان ڪنهن جي چوڻ تي کنيو؟
پر جڏهن به سوال ڪيو ويو ته اهو ڇا مان فريال شاهه يا رنڪل ڪماري آهيان؟
امان تون کي ياد آهي جڏهن مون کي تون ٻڌايو هو ته عورت هڪ ديوي ماتا آهي، ان کي وڏو مرتبو هجڻ سان ۽ ان جي پير هيٺان جنت آهي، اڄ ڏسي وٺ ته جنهن جي پيرن هيٺان جنت آهي اهي ڪيتري نه عورت جي نيلامي لڳائي رهيان آهن، ڇا اهي عورت جي نيلامي لڳائن پيا يا پيرن هيٺان موجود جنت جي جي لڳائي رهيا آهن؟
عورت لاءِ چيل سڀئي ڳالهايون مون لاءِ هڪ Joke کان مٿي ڪجهه به ناهي، هاڻي امان تون ڪنهن کي اهڙو ڪجهه به ٻڌائجانءِ ته هن سماج ۾ انصاف لاءِ نالي ڪا شيءِ موجود آهي. آسمان هيٺان صرف دوکيبازي ۽ ناانصافي سان گڏ ڪوڙ منهن مٿي ڪري گهمي ٿو، رهي ڳالهه سچائي ۽ انصاف جي اهي ڪڏهن به هن دنيا ۾ وجود رکن ئي نه ٿيون.
مون لاءِ سچائي ۽ انصاف اهي سڀئي ٻئي مخلوق جا لفظ لڳن ٿا، جن کي تنهنجي دنيا ۾ آڻي معصوم غريب ماڻهن کي چريو ڪيو وڃي ٿو.
جيئن مان چري ٿي هويس، مون ٻڌايو ويو هو ته چيف آف جسٽس جي شاهي ڪورٽ ۾ ڪنهن جي به ناهي هلندي، ان جي آڏو هن ملڪ جو وزير اعظم هٿ ٻڌي پيش ٿيندو آهي، مجال ٿيندو جو ڪير به چيف آف جسٽس آڏو ڪوڙ ڳالهائي.
امان! تون کي ان جو اندازو ٿيندو ته ان کان پوءِ مان وقت جي هر سيڪينڊ کي ڪيئن پئي گذاريو؟ 26 مارچ جي ڏينهن لاءِ مون ڪيتريون دعائون گهريون، جيڪو ڪجهه مون سان ميرپور ماٿيلو جي پوليس اسٽيشن تي ٿي گذريو، مان ان کي هڪ ڀيانڪ خواب جيان وسارئڻ جي پوري ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجن دردن کي گڏ ڪري انهن کي دلاسو ڏيڻ لڳس ته نه نه ائين ناهي توهان سڀني کي جوڙي مان هڪ ٻئي نئين رنڪل پيدا ڪندس، هن دنيا ۾ جنم ڪيترن روپن ۾ ٿئي ٿو هڪ ماءٌ جنم ڏئي ٿي ته ٻيو جنم دردن جو جهان به ڏئي ٿو.
مان پنهنجن دردن تي پاڻ ئي مرهم رکيم اهو ڄاڻيندي به ته هي سڄو سماج اکين ۽ ڪنن تي هٿ رکي خاموش بيٺل آهي اهي منهنجي لاءِ ڇا ڳالهائيندا؟ جن وٽ گناهگار صرف مان هوس ۽ اهي سڀئي پاڻ وڏا فرشتا هئا، پر مون دل تي هٿ رکي ڪري چيو ته نه مان انهن کي ٻڌائيندس ته سچ هي آهي. ۽ مان پنهنجن زخمي هٿن ۾ اُميد ۽ انصاف جي ديوي آڏو پيش ٿيس، پر انصاف جي ديوي جي اکين تي پٽي ٻڌل ڏسي مون اُميد کي اندر ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ته جنهن جون اکيون ئي پٽي سان بند ڪيون وڃن ان جا ڪن به ته بند ڪرائي سگهجن ٿا.
پر مان تڏهن به ڪوشش ڪري سچ ڳالهايو ۽ رڙيون ڪري پنهنجي لاءِ انصاف پينئڻ لڳس موٽ ۾ مون کي ڇا مليو؟
هاڻي ته مون کي شڪ ٿيڻ لڳندو آهي ته ڇا هن سماج ۾ انسان ۾ رهندا آهن؟ ڇا اهي سچ ۽ ڪوڙ جي پرک رکن ٿا؟
مون ڪٿي به اهڙو آواز نه ٻڌو جنهن ڪوڙ کي ڪوڙ چيو هجي، ايستائين جو گهڻن اهو چئي ڏنو ته مان هندو مذهب مان آهيان ۽ ذات پات جي مسئلن ڪري اسان ناريون گهرن مان نڪري شادي ڪنديون آهيون.
امان مون کي اهو سڀ ڪجهه ٻڌندي ايترو افسوس ٿيو ۽ ان کان وڌيڪ مون کي تو تي رحم اچڻ لڳو ته هڪ ماءٌ جي پرورش ۽ ان جي ممتا جي ايتري حد تائين تذليل ڪئي ويندي؟ تون يقين ڪر مان تنهنجي لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهيس، تنهنجي تذليل ٿيندي مان نه پئي ڏسڻ چاهي، پر مان ڇا پئي ڪري سگهان؟ انهن ڪيتريون بيبنياد ڳالهيون جوڙي مون مٿان ٿيندڙ ناانصافي کي پردي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
مون سمجهان ٿي ته تنهنجي حالت منهنجي پياري جيجل امان ڪيئن هوندي؟ ڇا تون سمجهي سگهين ٿي ته جڏهن تنهنجي مون تي رڙيون پيون هونديون مان ڪيترو نه ٽٽي هوس، پر مان ڇا پئي ڪري سگهيم، تون ۽ مان هن ملڪ جي شاهي ڪورٽ آڏو موجود هياسين، جيڪا ڪنهن به گهرائي سگهي ٿي پر تون ۽ مون کي اهو سمجهڻ گهرجي ها ته ڀل هن شاهي ڪورٽ آڏو ملڪ جي وزير اعظم هٿ ٻڌي اچي. ان جو مطلب اهو ناهي ته ان وٽ تنهنجي ۽ منهنجي لاءِ انصاف ڪرڻ جي سگهه به هجي. تون رڙيون ڪري درد کي آسمان جي ديوتا ڏانهن پهچايو، پر مان ڪيتري نه بي بس هوس ته مان هڪ رڙ به نه ڪري سگهيس، هڪ کي ٻانهه کان جهلي اهو نه چئي سگهيس ته مان سان ڇا ڇا نه ٿيو آهي؟ منهنجي زخمن تي ڪير مرهم هڻندو؟
مان ان ڏينهن انصاف جي ديوي کي بس هٿ ٻڌي خاموش ۾ چيو ته تون به ديوي آهين ۽ منهنجي مان به تنهنجي روپ جيان آهي، آخر تون ڪهڙي ديوي آهين؟ جيڪا هڪ ماءٌ جي دانهه تي لڙڪ نه ٿي لاڙي سگهي پوءِ مان پنهنجي اندر کي چيو ته جنهن ديس ۾ ماءٌ جي دانهه تي انصاف جي ديوي لڙڪ نه ٿي لاڙي سگهي ان مان انصاف جي اُميد ڪيئن رکي؟
امان! مون مٿان جيڪو ڪجهه به گذري پيو ان مان مون ايترو ئي سکيو ته جنهن سماج ۾ ناانصافي آزاد هجي، اتي هر سلڇڻي ٻائي جي ڌيءَ تماشو بڻائي ويندي.
مون کي توسان ڪا به شڪايت ناهي، پر مان تون آڏو هٿ ٻڌي معافي گهران ٿي ته مان تنهنجي درد تي مرهم نه رکي سگهيم، اي امان! منهنجو روح زخمن ۾ چور آهي، هاڻي جڏهن نوان زخم ملندا به آهن ته انهن کي پنهنجي لاءِ ڪا جڳهه ناهي ملندي پر اهي پنهنجي جڳهه وري به ٺاهي وٺندا آهن.
امان! ڪڏهن زندگي ۾ مونسان ضرور ملاقات ڪجانءِ ته پوءِ مان تون کي ٻڌائيندس ته مون سان ڇا ڇا ٿي گذريو؟
۽ مان انصاف لاءِ ٻئي مخلوق جي لفظ کي نه ٿي سڄاڻيان جڏهن انصاف تعصبپرستي ۽ مذهبن جا چوغا اوڙهي بيٺو هجي اهي ڪيئن سچائي جي پرک ڪري سگهندا؟
هتي هڪ هندو سنڌي ناري هجڻ ئي وڏو ڏوهه آهي، ها! منهنجي لاءِ هن سماج ۾ غيرت نالي ڪا شيءِ وجود نه ٿي رکي. تون ئي چيو هو ته غيرت مند ڪڏهن به ناانصافي کي برداشت ناهن ڪندا پوءِ تنهنجي ۽ منهنجي ناانصافي تي خاموشي ڇو هئي؟
تنهنجي دنيا ۾ اسان جهڙن نينگرين کي صرف ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويندو آهي.
امان! مان پيڙاهه ۽ ناانصافي کي گهڻو ويجهو ڏيٺو آهي، وقت ڪٿي ڪيئن ٿو بيهي؟ هاڻي مان اُميد جو ڏيئو ٻارڻ ڇڏي ڏنو آهي. بس! وري به تون کي آخر ۾ ايترو چوندس ته تنهنجي تڪليف کي هر وقت مان محسوس ڪندي آهيان، هن سڄي دنيا ۾ تنهنجو تصور ئي منهنجي ڏک کي سهارو ڏيندو آهي. جيڪڏهن ان ڏينهن مان ڪجهه به ڳالهايان ها ته اهي سڀئي ملي ڪري مون کان تنهنجو سهارو کسي ڇڏين ها پوءِ هي سماج جنهن جي هي سڀئي ملي ڪري هام هڻي رهيا آهن ڪجهه به نه چون ها انهن جي دلين تي چرٻي چڙهي وئي آهي، جنهن کي تنهنجي صدا به رجهائي نه ٿي سگهي.
امان! تون جيڪو ڪجهه مون کي ٻڌايو، تنهنجو سماج ان کان وڌيڪ مختلف ۽ ڀيانڪ نڪتو.
انهن تنهنجي رنڪل کان سڀ ڪجهه کسي ڇڏيو پر ها! تنهنجي احساس ۽ يادون ڪري به نه کسي سگهيو آهي، هي جيڪا هوا گهلي رهي آهي مان ان کي پيغام ڏيان ٿي ته تون تائين پهچائي ۽ توکي ٻڌائي ته تنهنجي رنڪل توکي ڀاڪر ڀري اهو نه چئي سگهي ته امان اچ ته ٻئي جهان ۾ هلون جتي تون ۽ مون کي انصاف لاءِ هٿ نه جهلڻا پون جتي تنهنجي پرورش تي ڪير سوال نه اُٿاري... امان! ڪنهن ٻئي جنم ۾ ملنداسين پر اهڙي ديس ۾ جنم ڏيجانءِ جتي انسان هجن ۽ انصاف جي ديوي جو اکيون ۽ ڪنن مٿان پٽي ٻڌل نه هجي پوءِ مان جنم وٺندس.
مون کي خبر ناهي مان ڇا ڇا لکيو آهي؟ بس! ايترو چوندس ته امان تون مون کي جنم ڏيڻ دوران درد کي محسوس نه ڪيو پر تون ته منهنجي درد کي به محسوس ڪري رهي آهين.
امان تون منهنجي ساهه ۾ اڄ به آهين، هي ڏور ڪير به ٽوڙي نه ٿو سگهي. انصاف جي ديوي ۾ دل آهي يا نه پر امان! مان اکيون بند ڪري چئي سگهان ٿي ته هڪ ماءٌ جهڙو دل هن دنيا ۾ ڪٿي به نه ملندو.
امان! تون ڪٿي آهين؟ مان توکي ڪيترا سڏ ڏيان ٿي...هر سڏ ڊگهين ڀتين سان لڳي موٽ کائي موڏانهن اچي ٿو.
امان ... تون ... ڪٿي .... آهين؟
Veengas@dailyibrat.com
No comments:
Post a Comment